Thursday , April 25 2024

سپريم ڪورٽ جي جج، جسٽس اعجازالاحسن جي گهر تي 12 ڪلاڪن دوران ٻه ڀيرا فائرنگ

لاهور(سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) نواز شريف خلاف احتساب عدالت ۾ هلندڙ ڪرپشن ڪيسن جي نگران جج، جسٽس اعجازالحسن جي لاهور واري گهر تي اڻڄاتل هٿياربند ٻه ڀيرا فائرنگ ڪري ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، فائرنگ جي اطلاع بعد سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس پهچي معلومات ورتي ۽ آءِ جي پنجاب کي طلب ڪيو.

سپريم ڪورٽ جي ترجمان پاران جاري ڪيل ۾ چيو ويو آحي ته، ڪورٽ جي جج، جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر تي فائرنگ جو اطلاع ملڻ بعد چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار سندس گهر پهچي، واقعي جي معلومات ورتي. ان مو     عي تي چيف جسٽس آءِ جي پنجاب کي طلب ڪري ورتو. رپورٽس مطابق سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اعجاز الاحسن  جي لاهور ۾ سندس رهائشگاهه تي فائرنگ گذريل رات ۽ اڄ صبح ڪئي وئي آهي. لڳ ڀڳ 12 ڪلاڪن دوران چيف جسٽس جي گهر تي ٻه ڀيرا فائرنگ جي واقعن مان ججز جي گهرن ۽ سندن جي سيڪيورٽي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. چيف جسٽس ثاقب نثار پاڻ سڄي صورتحال جو جائزو وٺي رهيو آهي. سپريم ڪورٽ جو جج. جسٽس اعجازالاحسن واضح رهي ته جسٽس اعجاز الاحسن پاناما ريفرنس ۾ نگران جج آهي، انکاسواءِ پاناما سميت اهم ڪيسن جو ۽ فيصلن جو حصو رهيو آهي. پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جسٽس اعجاز الاحسن جي رهائشگاهه تي فائرنگ واري واقعي جو نوٽس وٺندي آءِ جي پنجاب کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، پنجاب جي وڏي وزير هدايت ڪندي چيو آهي ته جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي فوري طور تي ڪاروائي ڪئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *