Saturday , April 20 2024

سپريم ڪورٽ جو حڪم، نسلا ٽاور ڊاهڻ جون تياريون شروع

ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي  سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ پاران نسلا ٽاور کي ڌماڪي سان ڊاهڻ لاءِ جاري ڪيل حڪم کانپوءِ رهائشي پلاز ڊاهڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ڪراچي جي سنڌي مسلم ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ۾ قائم رهائشي پلازا نسلا ٽاور ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس، جسٽس گلزار احمد ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت حڪم ڏنو ته ٽاور کي فوري طور خالي ڪرائي ان کي ڌماڪي سان ڊاهي هڪ هفتي اندر رپورٽ جمع ڪرائي وڃي.  عدالت نسلا ٽاور جي مالڪ بلڊر کي حڪم جاري ڪيو ته پلازا ۾ فليٽن جي مالڪن کي فوري طور تي رقم واپس ڪئي وڃي.

سپريم ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ جديد سهولتن واري رهائشي پلازا نسلا ٽاورز کي ڊاهڻ لاءِ ضلعي انتظاميا سرگرم ٿي وئي آهي. ڏس ۾ ڪمشنر ڪراچي جي هدايتن ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ ڪراچي اوڀر ضلعي جي فيروز آباد سب ڊويزن جي اسسٽنٽ ڪمشنر  هڪ ليٽر لکي پلازا ۾ بنيادي ضرورتن جي سپلاءِ بند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي. اسسٽنٽ ڪمشنر فيروز آباد هڪ خط لکي سوئي سائودرن گئس ڪمپني، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ ۽ ڪي-اليڪٽرڪ کي هدايت ڪئي آهي ته نسلا ٽاور جي بجلي، گئس ۽ پاڻي جا ڪنيڪشن فوري طور تي ڪاٽا ڪري 27 آڪٽوبر تائين رپورٽ ڏني وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *