Wednesday , April 24 2024

سپريم جوڊيشل ڪميشن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 6 نوان ايڊيشنل ججز مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي

اسلام آباد( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم جوڊيشل ڪميشن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 6 نوان ججز مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪندي لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس منصور علي شاهه کي سپريم ڪورٽ جو جج ۽ جسٽس ياور علي خان کي لاهور هاءِ ڪورٽ جو نئون چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي.

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار جي صدارت هيٺ جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن سنڌ هاءِ ڪورٽ سميت چئني هاءِ ڪورٽس جا چيف جسٽس به شريڪ ٿيا. ذريعن موجب اجلاس ۾ لاهور جي چيف جسٽس منصور علي شاهه کي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي. اجلاس ۾ جسٽس ياور علي شاهه کي لاهور هاءِ ڪورٽ جو نئون چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي  وئي. ذريعن موجب جوڊيشن ڪميشن جي اجلاس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 6 ايڊيشنل ججز جي مقرري جي به سفارش ڪئي وئي  جڏهن ته انهن جي مقرري هڪ سال تائين ڪرڻ جي سفارش ڪئي  وئي آهي. اجلاس ۾ امجد سهتو، ڪوثر سلطانا، عدنان چوڌري، ارشاد شاهه، آغا فيصل ۽ شمس عباسي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ايڊيشنل جج مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *