پاڪ فوج سيوهڻ ڌماڪي جي زخمين کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي، پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اسان پنهنجي ملڪ جو دفاع ۽ جوابي ڪارروائي ڪنداسين. آءِ ايس پي آر موجب سيوهڻ ۾ درگاهه قلندر ۾ ٿيل ڌماڪي جي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج جي ٽيمن پاران ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي اونداه ۾ اڏام ڪندڙ هيلي ڪاپٽرن وسيلي ڌماڪي جي زخمين کي مختلف شهرن جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي. پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته دهشتگردي جا تازا واقعا دشمن قوتن ۽ افغانستان ۾ موجود دهشتگردن پاران ڪرايا پيا وڃن. ترجمان موجب پاڪ فوج پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪندي ۽ ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪندي…..
Tags Pak Army rescue operation in sehwan Sharif
Check Also
ايم آر ڊي جو اهم ڪردار سينيئر سياستدان مخدوم خليق الزمان لاڏاڻو ڪري ويو
Share this on WhatsAppمخدوم غلام محمد عرف مخدوم خليق الزمان ڪافي عرصو بيمار رهڻ بعد …