Friday , March 29 2024

سينيٽ ڪميٽي پاران گم ٿيل ماڻهن بابت جوڙيل ڪميشن ختم ڪرڻ جي سفارش، گم ٿيڻ بعد بازياب ٿيل ماڻهن کي ڪميٽي ۾ گهرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (سنڌسماءَچار مامنيٽرنگ ڊيسڪ) سينيٽ جي انساني حقن واري ڪميشن گم ڪيل ماڻهن متعلق ڪميشن جي ڪارڪردگي تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي ڪميشن ختم ڪرڻ جي سفارش ڪري نئين ڪميشن جوڙڻ جي سفارش ڪري  ڇڏي آهي، ڪميٽي  پاران گم ٿيلن جي متعلق آءِ ايس آءِ، ايم آءِ ۽ آءِ بي جي سربراهن، گم ٿيڻ بعد بازياب ٿيل ماڻهن کي به طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سينيٽ جي انساني حقن واري ڪميشن جو اجلاس چيئرپرسن نسرين جليل جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ بلوچستان جي ايڊيشنل سيڪريٽري گم ٿيل ماڻهن متعلق بريفنگ ڏيندي ڪميشن کي ٻڌايو ته بلوچستان مان هن وقت 136 ماڻهو گم آهن. گم ٿيل ماڻهن جي لسٽ ۾ ڪيترائي غلط نالا داخل ڪيا ويا آهن ۽ لاپتا ماڻهن جي لسٽ ۾ 120 ماڻهن جو ڪرمنل رڪارڊ موجود آهي، اهي ڏوهاري آهن، انهن جا نالا لسٽ مان خارج ڪيا ويا آهن. هن ٻڌايو ته گم ٿيل ماڻهن جي لسٽ مان 27 ماڻهن جا لاش مليا آهن ۽ 104 ڄڻا بازياب ٿي گهر پهچي ويا آهن، هن ٻڌايو ته گهر واپس ايندڙن کان تفصيل وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهي تفصيل ڏيڻ يا بيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، ان ڪري معلوم نه ٿي سگهيو ته انهن ماڻهن کي ڪنهن گم ڪيو آهي، هن ٻڌايو ته هڪ ٻن ڪيسن ۾ بازياب ٿيلن ايجنسين تي کنڀڻ جو الزام هنيو آهي.

ان موقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي بلوچستان جي سينيٽر جهانزيب جماالديني ۽ فرحت الله بابر چيو ته گم ٿيلن کي ڳجهن ادارن ايم آءِ ۽ آءِ بي سميت ٻين ايجنسين جي عملدارن کي گهرايو وڃي ۽ انهن کان پڇاڻو ڪيو وڃي، فرحت الله بابر چيو ته آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي کي سپريم ڪورٽ گهرايو پر ڪا به پيش رفت نه ٿي، ان معاملي تي پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ ٻئي ناڪام ٿي ويا آهن، هن چيو ته ماڻهن کي کڀيندڙ رياست جي ادارن کان طاقتور آهن ۽ اها ڳالهه ثابت تي چڪي آهي ته رياست اندر رياست ٺهيل آهي، هن چيو ته لاپتا ماڻهن متعلق ڪميشن کي ختم ڪيو وڃي، ڇو ته ڪميشن پنهنجو بنيادي ڪم ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي ۽ ان معاملي تي نئين ڪميشن جوڙي وڃي، هن چيو ته ايجنسين جي اختيارين جا بيان ڪهڙآ به هجن پر انهن کي گهرايو وڃي، ان وقعي تي فيصلو ڪيو ويو ته ايجنسين جي اڦِسرن ۽ بازياب ٿيلن کي طلب ڪيو وڃي، بازياب ٿيل ماڻهن کان ڪميشن سوال ڪري انهن کي ڪنهن گم ڪيو آهي، ان موقعي تي ڪميشن فيصلو ڪيو ته پهرين بازياب ٿيلن کي گهرائي پڇاڻو ڪيو ويندو ته انهن کي ڪنهن گم ڪيو، بعد ۾ انهن جي معلومات جي بنياد تي ايجنسين کي گهرايو ويندو، ڪميشن فيصلو ڪيو ته گم ٿيلن وارو اهم معاملو آهي، ان تي بدنامي ٿئي ٿي، ان موقعي تي چيئرپرسن نسرين جليل چيو ته ايجنسين آڏو سڀ حقيقتون رکنداسين ۽ چونداسين ته هاڻي اهو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن آمريڪا پنهنجا حراستي مرڪز بند ڪري ٿو ته اسان کي بند ڪرڻ گهرجي، فرحت الله بابر چيو ته اسان سڀني کي خبر آهي ته گم ڪندڙ ڪير آهن پر کلي ڳالهائي نٿا سگهون، هن چيو ته گم ٿيلن متعلق جوڙيل ڪميشن پنهنجو ڪم نه ڪيو، مغوين جي بازيابي بعد انهن کان بيان وٺي ڪيس داخل نه ڪرايا، تنهن ڪري هي سلسلو بند نٿو ٿئي، هن چيو ته ڪميشن دعويٰ ڪئي ته هن 2000 ماڻهو بازياب ڪرايا پر انهن جي بازيابي بعد ڪا جاچ نه ڪئي، هن چيو ته 2010ع ۾ جسٽس منصور ڪمال جي ڪميشن رپورٽ منظرعام تي آڻي ۽ ملڪ ۾ حراستي مرڪزن جي به حالت ڏٺي وڃي، ڇو ته اهي گوانتاناموبي جيل وانگر قيد خانا آهن، ان موقعي تي ڪميشن اتفاق سان فيصلو ڪيو ته گم ٿيلن متعلق قائم ڪميشن کي ختم ڪري نئين ڪميشن قائم ڪئي وڃي ۽ موجوده ڪميشن جي رپورٽ پڌري ڪئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *