Friday , April 19 2024

سينينٽ اليڪشن 2018 پ پ پ کي پيش ايندڙ پريشانيون..!! عامر درازي

سينينٽ اليڪشن سڀ کان وڌيڪ دلچسپ اليڪشن ھوندي آھي جنهن ۾ مختلف  اڳواڻ صوبائي اسيمبلين مان چونڊجي ايندا آھن جنهن جي آئيني مدت ٽي سال ھوندي آھي. سينينٽ مجموعي طور تي 104 ميمبرن تي مشتمل ھوندي آھي. سينينٽ اليڪشن قومي اسيمبلي جي اليڪشن کان مختلف ٿيندي آھي ڇو ته سينينٽ اليڪشن ۾ پوري ايوان جي مدت ختم ناھي ٿيندي جيھڙي ريت قومي اسيمبلي جي آئيني مدت پنج سال ھوندي آھي مدت پوري ٿيڻ کانپوء ڦورن ملڪ ۾ عام چونڊن جو اعلان ڪندي آھي پر سينينٽ اليڪشن ان کان مختلف ٿيندي آھي اھو ان ڪري ته ڪجهه اميدوارن جي مدت ٽي سال ھوندي آھي ۽ ٻيا اميدوار وري ٻئي مرحلي ۾ چونڊبا ٿيندا آھن .ھن سال سينينٽ  اليڪشن 3 مارچ تي ٿيندي جيڪا اليڪشن ڪميشن جي جاري حتمي فھرست مطابق 106 اميد وارن ٿيندي .19 فيبروري ھٿ کڻڻ جي آخري تاريخ ھئي جيڪا گذري وڃڻ بعد اليڪشن ڪميشن جاري ڪئي آھي جاري ڪيل لسٽ مطابق سنڌ جي نالي ٿيندڙ 12 سيٽن تي 33 اميدوار آھن ٽيڪنوڪريٽ جي 2 سيٽن تي 6 اميدوار ـ جنرل جي 7 سيٽن تي 18 اميدوار .اقليت جي ھڪ سيٽ تي 3 اميدوار .عورت جي ٻن سيٽن تي 6 اميدوارن ۾ مقابلو ٿيندو . سنڌ صوبي مان ٽيڪنوڪريٽ سيٽن تي حتمي اميدوارن ۾ ايم ڪيو ايم مان حسن فيروز ،عبدالقادر خانزاد،سيد علي رضا عابدي، تحرڪ انصاف جو محمد نجيب ھارون؛ پ پ پ اميدوارن ۾ ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو ۽ رخسانـ زبيري شامل آھن جنرل سيٽن تي اميدوارن ۾ پ پ جا رضا رباني،  مولابخش چانڊيو، مصطفى نواز کوکر ـ مرتضي وھاب اياز مھر، محمد علي شاھ ڄاموٽ ، امام الدين شوقين جڏهن ته ايم ڪيو ايم مان احمد چناء ،امين الحق ، عامر ولايت الدين ، فرحان چشتي ، فروغ نسيم ، ڪامران ٽسوري ، پاڪ سرزمين پارٽي مان انيس احمد خان ،ڊاڪٽر صغير ، احمد مبشر امام فنڪشنل ليگ مان سيد مظفر حسين شاھ ۽ (ن) ليگ مان سرفراز جتوئي شامل آھن . سنڌ مان اقليتن جي ھڪ سيٽ تي پ پ پ جي انور لعل الدين پاڪ سرزمين جي ڊاڪٽر موھن ۽ ايم ڪيو ايم جي سنجي پارواڻي ۾ مقابلو ٿيندو عورتن جي 2 سيٽن تي پ پ پ مان ڪرشنا ڪولھي قرت العيـن مري ايم ڪيو ايم مان ڊاڪٽر نگھت شڪيل ـ ڪشور زھرا منگلا شرما ۽ نسرين جليل شامل آھن.

ڪي پي ڪي جي ڪل 11 سيٽن تي 27 اميدوار ۾ مقابلو ٿيندو .پنجاب جي 12 سيٽن تي 21 اميدوارن ۾ مقابلو ٿيندو اھڙي ريت بلوچستان صوبي جي خالي ٿيندڙ ڪل 11 سيٽن تي 25 اميدوارن ۾ مقابلو ٿيندو.

سنڌ جيڪا پاڪستان ٺھڻ کان وٺي انيڪ مسئلن جو شڪار رھي آھي امير سنڌ جا مسڪين ماروئڙا ٻن ويلن جي ماني لاء واجھائيندا ٿا رھن پ پ جيڪا سنڌ ۾ ھميشـ  اقتدار ۾ رھي آھي جيتري موٽ سنڌ جي ماڻهو پ پ پ کي ڏني آھي پر ان جي بدلي ۾ پ پ پ ماروئڙن کي مايوس ڪيو آھي ڇو ته امير سنڌ جا مارو ھاڻي پنهنجو حق گھرڻ لاء خاموش نه ويھندا ڇا ڪاڻ ته پاڪستان ٺھڻ کان وٺي سنڌ سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ ٿيندو پيو اچي وفاق ھميشـ  سنڌ جي حقن تي ڌاڙو ھنيو آھي 75% بجيٽ ڏيندڙ صوبو پيئڻ جي مٺي پاڻي ٻن ويلن جي ماني ۽ لڱ ڍڪڻ لاء پريشان آھي سنڌ ۾ FFC فوجي فرٽيلائزر ڪمپنيون جيڪي ڀاڻ ٺاھن پيون OGDCL ـ ايس ايم سي جيڪا ٿر جو ڪوئلو ڪڍي بجلي پيدا ڪرڻ لاء لڳائي وئي آھي ـ گڊو ٿرمل پاور ـ جھمپير ۾ ونڊ پلانٽ انرجي ـ پيٽرول ـ معدنيات ـ گئس ـ سميت انتھائي اھم ڪمپنيون ڏيھي پرڏيھي سنڌ ۾ لڳائي اتان جي عوام کي نظر انداز ڪري پنجاب مان ڪمپني جي چيئرمين سميت پٽيوالي تائين اتان جا ماڻهو رکيا ٿا وڃن ۽ سنڌ جا ماڻهو ڌر پڌر ڪري پنهنجا مقصد ماڻي وفاق سنڌ کي نظر انداز ڪرڻ جا ناٽڪ سنڌ سان 70 سالن کان وٺي جاري رکيون ٿو اچي ـ سنڌ سميت بلوچستان ـ ڪي پي ۽ پنجاب جيڪي پنهنجي مادري ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاء 70 سالن کان جدوجهد پيا ڪن  سنڌي ٻولي قومي ٻولي ۽ ٻين صوبن جون زبانون به قومي ٻولي ٿين جو بل پ پ پ جي سينيٽر سئسي پليجو ۽ سينيٽر عاجز ڌامرھ پيش ڪيو جيڪو اچان تائين منظور نه ٿي سگھيو ۽ سينينٽ اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي طرفان ترميم لاء موڪليو ويو پ پ پ کي گھرجي ته اھو بل سينينٽ اليڪشن ٿيڻ کانپوء ھر صورتحال ۾ اھو بل منظور ڪرائي ڇو ته انڊيا ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو مليل آھي ۽ پاڪستان جي ھر صوبي ۾ پنهنجي پنهنجي مادري ٻولي ڳالھائي ويندي آھي پوء ڪھڙن بنيادن تي اردو ٻولي قومي ٻولي آھي پ پ پ لاء اھو به چيلينج آھي ته ملڪي ترقي لاء جيڪي منصوبا ھڪي رھيا آھن انهن منصوبن کي ڪھڙي ريت تڪميل تائين پڄائجي ڇو ته ھميشـ  پ پ پ سينينٽ  ۾ مضبوط رھي آھي ڳچ عرصي کان سينينٽ چيئرمين رضا رباني جو به تعلق پ پ پ سان آھي مطلب ته سنڌ جو عوام جاڳي چڪو آھي پ پ پ ڪھڙي حڪمت عملي جوڙي آھي سينينٽ اليڪشن کانپوء معلوم ٿي ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *