Thursday , April 25 2024

سينئر وڪيل ۽ سڄاڻ شخصيت غلام مصطفيٰ لاکو به وڇڙي ويو…

ڪراچي ( اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) سينئر وڪيل ۽ سڄاڻ شخصيت غلام مصطفيٰ لاکو دل جو دورو/هرٽ اٽيڪ سبب ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. غلام مصطفيٰ لاکو کي اڱاري ڏينهن لڳ ڀڳ ساڍي ٻارهين وڳي ڪراچي ۾ پنهنجي گهر دل جو دورو پيو. غلام مصطفيٰ لاکو کي جيئن ئي دل جو دورو پيو ته سندس نياڻي کيس اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽرن سندن ساهه جو سڳو ڇڄي پوڻ جي پڪ ڪرائي.

غلام مصطفيٰ لاکو عملي سياست کان پوءِ وڪالت جي شعبي سان لاڳاپجي ويو ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي توڙي سپريم ڪورٽ ۾ وڪالت ڪندو رهيو، جتي بار جي سياست ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪندو رهيو. هن ڪتابن ۽ سياست سان پنهنجو ناتو ڪڏهن به ڪو نه ڇنو. غلام مصطفيٰ لاکي زندگيءَ جو وڏو حصو پيڙهيل ۽ هيٺئين طبقي جي ماڻهن جي حقن لاءِ جدوجهد سان ڪنهن  نه ڪنهن طرح واڳيل رهيو. هُو نوجوانن ۾ اتساهه جو سبب بڻجندو رهيو . غلام مصطفيٰ لاکو سنڌ ۾ هندو نياڻي جي زبردستي مذهب تبديل ڪرائڻ وارن واقعن خلاف ٿيندڙ احتجاجن توڙي ان سان لاڳاپيل هر طرح جي جدوجهد جو حصو رهيو. مختلف وقتن تي بي پهچ ۽ مظلوم ماڻهن جو آواز وس وارين اختيارين تائين به پهچائيندو رهيو. غلام مصطفيٰ لاکوکاٻي ڌر جي سياست ڪئي ۽ آخري دم تائين ان ئي فڪر سان لاڳاپيل رهيو. سندس فڪر ۽ عمل ۾ ڪڏهن به ۽ ڪٿي به ڪو فرق نه آيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *