Friday , March 29 2024

سيشن جج خيرپور پاران ڪڻڪ جو بارداڻو جوڊيشل مئجسٽريٽس جي نگراني ۾ ورهائڻ جو حڪم

فيض گنج ( رپورٽر سنڌ سامءَ چار) سڄي سنڌ ۾ ڪڻڪ جو بارداڻو بااثر زميندارن، واپارين ۽ فلور ملز مالڪن کي ملڻ خلاف هارين ۽ آبادگارن جي شڪايتن جو ازالو ٿي ناهي سگهيو، خيرپور جي سيشن جج پاران خوراڪ کاتي کي حڪم ڏنو آهي ته، بارداڻو سول ججز ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽس جي نگراني ۾ ورهائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

اهڙو حڪم خيرپور جي هڪ آبادگار پاران بارداڻو نه ملڻ خلاف سيشن ڪورٽ ۾ درخواست تي ڏنو ويو آهي. سيشن جج پاران آبدگارن جي درخواست تي، فيض گنج، ٺري ميرواهه، ڪنگري، نارو، گمبٽ ۽ ڪوٽڏيجي سميت سمورن لاڳاپيل سول ججز ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽس کي هدايت ڪئي آهي ته، اُهي بارداڻو ورهائڻ واري عمل جي نگراني ڪن. حڪم ۾ خوراڪ کاتي جي لاڳاپيل عملدارن کي به هدايت ڪئي وئي آهي ته، اُهي ججز جي نگراني هيٺ براداڻو ورهائين.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *