Wednesday , April 24 2024

سياست کان صحافت تائين، يگانو ڪردار سيد علي محمد شاهه لڪياري ڌرتي ماءُ جي هنج ۾ آرامي ٿي ويو

سيد علي محمد شاهه لڪياري جيئي سنڌ هلچل سان واڳيل رهيو

ضياءَ جي مارشل لا دوران شاگردي جي زماني 3 سالن کان وڌيڪ عرصو جيل به ڪاٽيو

نوابشاهه ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سياست کان ادب ۽ صحافت تائين جو اڙانگهو سفر ڪندڙ يگانو ڪردار سيد علي محمد شاهه لڪياري ساهه جي عارضي سبب نوابشاهه جي اسپتال لاڏاڻو ڪري ويو، سندس مڙهه ڳوٺ نبن شاهه جي اباڻي قبرستان ۾ ڌرتي ماءُ جي هنج ۾ آرامي ٿي ويو. علي محمد شاهه ڪجهه ڏينهن کان ساهه جي عارضي ۾ مبتلا هو. آچر تي صبح جو نوابشاهه جي اسپتال ۾ علاج دوران هن دم ڌڻي حوالي ڪيو. علي محمد شاهه لڪياري جو مڙهه ڳوٺ نبن شاهه ڀرسان سندس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، سندس وڇوڙي تي سنڌ جي صحافتي حلقي ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي. علي محمد شاهه لڪياري شاگردي کان قومپرست سياست سان واڳيل رهيو، 1980 دوران جنرل ضياءَ جي دور ۾ سنڌ يونيورسٽي مان گرفتار ٿيو ۽ لڳ ڀڳ ساڍا 3 ورهيه نارا جيل سميت مختلف جيلن ۾ قيد جو صعوبتون ڀوڳيون. علي محمد شاهه لڪياري پنهنجي جيل ڊائري ۾ هڪ لکي ٿو ته “ منهنجو ننڍو ڀاءُ ارباب علي شاهه جيل تي ملاقات ڪرڻ آيو ۽ ٻڌايائين ته امان سخت بيمار آهي. مون کيس چيو ته سڄي سنڌي قوم جون عورتون پنجاب وٽ غلام آهن. سنڌ ڌرتيءَ جو جسم لانگ بوٽن جي هيٺان چيڀاٽجي رهيو آهي ۽ کيس زنجيرن ۾ جڪڙي يرغمال بنايو ويو آهي. جيڪڏهن امان بيمار آهي ته مڙوئي خير آهي. ڌرتي ماءُ کان ان جو رتبو وڌيڪ نٿو سمجهان”.

علي محمد شاهه لڪياري سياست کانپوءِ صحافت جو سفر شروع ڪيو ۽ آخري ڏينهن تائين ڪي ٽي اين نيوز نوابشاهه جو رپورٽر رهيو. علي محمد شاهه لڪياري جا ٻه ڪتاب هڪ جيل جي ڊائري ” ڪَايا مَنجهه ڪَڙن ” ڇپي آهي، جنهن ۾ علي محمد شاهه لڪياري  جنهن کي عبدالواحد آريسر ڪيترن ئي هنڌن تي علڻ / علڻ خان به لکيو آهي قيد جي ڏينهن جو ذڪر يعني جيل ڊائري آهي. علي محمد شاهه جي ان جيل ڊائري ۾ 1980ع جي ڏهاڪي واري دور جي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ قوم پرست شاگرد سياست ۾سندس شاگردي واري زماني ۾ هم آهنگي ۽ اُن سياست جي سفر ۾ آيل ڀوڳنائن ۾ جيل ياترا جو دور ۽ قيد وبند جون يادگيريون تحرير ٿيل آهن.

سيد علي محمد شاهه لڪياري جو ٻيو ڪتاب“ چِٺيون چَندَن واسُ” به ڇپيل آهي، جنهن ۾ علي محمد شاهه لڪياري ڏانهن جيل مان، جيل ۾ ۽ سنڌ مان جيل ۾ آيل خطن جو مجموعو آهي. علي محمد شاهه لڪياري ڏانهن لکيل هي سڀئي خط 1980ع واريءَ ڏهاڪي جي سياسي ۽ سماجي صورتحال جو چِٽو آئينو آهن. “چٺيون چَندن واس” ۾ جيل جي قيد واررن ڏينهن دوران ڏانهس آيل خط، ڪشمش، زبانن تي تالا بندي، ظلم و جبر، حق ۽ سچ لاءِ آواز اُٿاريندڙن لاءِ ڦاهيون، ڦٽڪا، سزائون قيد ۽ بند جو عقوبتون ڏيڻ ۽ اهڙين ٻين ڪٺن حالتن ۾ ڌرتيءَ جي جوڌن جا بلند حوصلا ۽ ڪارونجهر جهڙي اڏولتا وغيره جي ڀرپور عڪاسي ڪري پڙهندڙ کي اڄ جي ٽڪي، ٽڪي تي وڪامندڙ دور ۾ حوصلو، همت، حوصلي ۽ پنهنجي ڌرتي سان وفاداري جو درس ڏين ٿا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *