Friday , March 29 2024

سوئي واسين گئس نه ملڻ تي مزاحمت ڪئي،ٿر جي ڪوئلي تي ٿر واسين جو حق تسليم ڪيو: عبدالرزاق راهمون

ڪراچي ( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران خطاب ڪندي جي ڊي اي جي ايم پي اي عبدالرزاق راهمون چيو ته، سبي مان گئس نڪتي هئي پر ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين اتان جي ماڻهن کي گئس جي سهولت مهيا نه ڪئي وئي ۽ انهن مزاحمت ڪئي، ٿر جي ڪوئلي تي ٿر واسين جو حق تسليم ڪيو وڃي، عبدالرزاق راھمون چيو ته ٿر جي اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن بدران ڪتا ۽ گڏهه ستل آھن، ٿر جي ڪوئلي تي پھريون حق ٿرين جو آھي، ٿرڪول ۾ مقامي ماڻھن جي ڪوٽا مقرر ڪئي وڃي. ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ واري منصوبي ۾ ٿر کي بجلي مهيا ڪرڻ لاءِ ڪو به رٿا شامل ناهي ڪئي وئي. هن چيو ته سڄي ٿر ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جا جيڪي به آر او پلانٽس لڳايا ويا آهن اهي بنا ڪنهن منصوبابندي جي هنيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ اڪثر پلانٽ بند پيل آهن. رزاق راهمون مطالبو ڪيو ته ڇاڇري تعلقي کي ضلعي جو درجو ڏئي دل جي بيمارين واري اسپتالاين آءِ سي وي ڊي جو يونٽ قائم ڪري ٿر ۾ وڻن جي واڍي کي روڪرايو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *