Friday , March 29 2024

سهيل انور سيال، ڄام خان شورو ۽ پير مظهر خلاف جاچ جاري

ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) نيب پاران گهرو وزير سهيل انور سيال، مڪاني ادارن واري وزير ڄام خان شورو، قانون ۽ پارلياماني معاملن واري وزير ضياءَالحسن لنجار۽ اڳوڻي صوبائي وزير پيرمظهرالحق خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهڻ سميت مختلف شڪايتن جي جاچ هلندڙ آهي. نيب پاران جاري ڪيل هڪ وضاحتي بيان ۾ چيو آهي ته، نيب پاران مختلف صوبائي وزيرن، پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ ڪجهه ڪامورن خلاف ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال سميت مختلف معاملن جي جي جاچ بند ڪرڻ واريون خبرون اڌ سچ هيون.

نيب ترجمان جو چوڻ  آهي ته، گهرو وزير سهيل انور سيال خلاف ڪجهه شڪايتن جي جاچ ڪئي وئي هئي پر انهن جا ٺوس ثبوت نه ملڻ تي اهي بند ڪيا ويا هئا، پر سهيل انور سيال خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهڻ ۽ تيزي سان وڌندڙ ملڪيتن وارين شڪايتن / معاملن جي جاچ بند ناهي ڪئي. نيب ترجمان موجوب صوبائي وزير سهيل انور سيال  خلاف آمدني کان وڌيڪملڪيتون ٺاهڻ  وارين الزامن جي جاچ اڃا جاري آهي. ڪنهن هڪ ڪيس ۾ ٺوس ثبوت نه ملڻ تي جاچ بند ڪرڻ نيب جي قانوني مجبوري آهي پر ان کي سمورن ڪيسن سان نه ٿو ڳنڍي سگهجي.

نيب جي وضاحتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته، صوبائي وزير ڄام خان شورو خلاف نيب پاران باضابطا طور ڪو به ڪيس داخل نه ڪيو ويو هو پر، حيدرآباد ۾ زمين تي قبضن جي شڪايت / الزامن بابت هن جي خلاف شروعاتي جاچ هلي رهي آهي. نيب ترجمان موجب مڪاني ادارن جي وزير ڄام خان شورو خلاف زمينن تي قبضن وارين شڪايتن جي جاچ مڪمل ٿيڻ بعد ان جاچ جي بنياد تي قانون مطابق ڪارروائي ڪئي ڪري ڪيس داخل ڪيو ويندو.

نيب اختيارين جو چوڻ آهي ته، قانون واري وزير ضياءَ لنجار خلاف ڪجهه معاملن جي جاچ ۾ شاهديون نه ملي سگهيون آهن، انڪري اهي بند ڪيون ويون. نيب موجب صوبائي وزير ضياءَ لنجار خلاف مني لانڊرنگ سميت ٻين معاملن جي جاچ هلندڙ آهي. نيب موجب ضياءَ لنجار خلاف هلندڙ جاچ مڪمل ڪئي وئي  آهي. نيب جي وضاحتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته، قانون واري وزير خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي مڪمل ڪيل جاچ تي قانوني گهرجن تحت جائزو ورتو پيو وڃي، قانوني جائزي مڪمل ٿيڻ بعد سندس خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ بابت مشاورت هلندڙ آهي.

نيب جو چوڻ آهي ته تعليم کاتي جي اڳوڻي صوبائي وزير پير مظهر الحق خلاف، ملازمن جي ڀرتين وارو ڪيس ٺوس شاهديون ۽ ثبوت نه ملڻ سبب اهي جاچ بند ڪئي  وئي هئي.نيب جي وضاحت مطابق پير مظهر الحق خلا ڪرپشن جا 5 ٻيا ڪيس آهن جن جا معاملا عدالتن ۾ هلندڙ آهن. نيب موجب منظور قادر ڪاڪا خلاف به ڪجهه ڪيس لاڳاپيل مختلف عدالتن ۾ هلندڙ آهن  ۽ سندس خلاف 7 معاملن جي جاچ هلندڙ آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *