Friday , March 29 2024

سهراب ڳوٺ، گلشن بهار، ڪياماڙي، قائدآباد، سهراب ڳوٺ ۾ به ايڊز وائرس موجود

ڪراچي جي مڇر ڪالوني  جو هڪ منظر – سنڌسماءَچار فوٽو

ڪراچي جو ال آصف اسڪوائر وارو علائقو – سنڌسماءَچار فائل فوٽو

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) ايڊز جو مرض سنڌ جي ٻين ضلعن جيان ڪراچي ۾ به موجود آهي، ذريعن  دعويٰ ڪئي آهي ته صحت کاتي جي ڪجهه ذميوارن کي ان بابت ڄاڻ آهي پر ڪير ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ئي ناهي. سنڌ ۾ ايڊز جي مرض بابت سنڌسماءَچار اڳ ۾ ئي اهو انڪشاف ڪري چڪي آهي ته ايڊز صرف رتوديرو ۽ نئونديرو جو نه پر سڄي سنڌ جو مسئلو آهي، جنهن بابت اهم رپورٽ سنڌسماءَچار شايع ڪري چڪي آهي. ان ئي سلسلي ۾ ڪراچي ۾ ايڊز بابت صحت واري شعبي سان لاڳاپيل هڪ ذميوار شخصيت نالو نه لکڻ جي شرط تي سنڌسماءَچار کي ٻڌايو آهي ته، ”ڪراچي مختلف علائقن ۾ ايڊز جا مريض موجود آهن، پر قائد آباد، سهراب ڳوٺ جي افغاني ۽ اترين علائقن جي رهواسين جي اڪثريتي آبادين وارن علائقن، خاص طور تي ال آصف اسڪوائر، افغاني بستي، نيو سبزي منڊي، گلشن معمار، ڪياماڙي، مڇر ڪالوني، سلطان آباد، اعظم بستي، وارن علائقن ۾ ايڇ آءِ وي پازيٽو جا مريض موجود آهن.“ لڳ ڀڳ 30 سالن کان صحت جي شعبي سان لاڳاپيل شخص، نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي سنڌ سماءَچار کي ٻڌايو ته، ”لياري، گلشن بهار ۽ ڪورنگي جي بنگالي آبادي وارن علاقئن ۾ به ايڊز وائرس موجود آهي، اهڙي ڄاڻ سنڌ حڪومت جي ذميوارن کي آهي پر اهي ان تي اکيون بند ڪري ڇو ويٺا آهن اهو پنهنجي جاءِ تي سوال آهي.“

رتوديرو ۽ نئون ديرو کانپوءِ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ ايڊز بابت سنڌسماءَچار هيءَ نيوز اسٽوري سڀني کان اڳ بريڪ ڪئي هئي، انکانپوءِ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به ايڊز جا مريض نه رڳو ظاهر ٿيا پر ڪيترائي فوت به ٿيا آهن. نيوز پڙهڻ لاءِ هيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪيو.

سنڌ ۾ ايڊز جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف، ڊاڪٽر آن دي رڪارڊ ڳالهائڻ کان گهٻرائڻ لڳا

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *