Saturday , April 20 2024

سنڌ ۾ ڪرونا خطرناڪ صورتحال اختيار ڪرڻ لڳو،متاثرن جو انگ 306 کان وڌي ويو

سنڌ ۾ 19مارچ خميس ڏينهن شام تائين ڪرونا متاثرن جو انگ 306 کان وڌي چڪو آهي: سنڌ حڪومت جا ذريعا

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌ سماءَچار) سنڌ ۾ ڪرونا وائرس مبتلا مريضن جي انگ ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿيڻ لڳو، سنڌ حڪومت جي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته سنڌ ۾ 19 مارچ تائين وائرس متاثرن جو انگ 306 وڌي چڪو آهي،  مريض ڪراچي ۽ سکر ۾ موجود آهن، سنڌ جي صحت کاتي جي سرڪاري انگ اکرن مطابق هيل تائين سنڌ ۾ مجموعي طور مريضن جو انگ 245 ٻڌايو پيو وڃي. سڄي ملڪ جيان سنڌ ۾ پکڙيل ڪرونا وائرس بابت سنڌ سماءَچار کي  سنڌ حڪومت جي لاڳاپيل اختيارين جي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، خميس 19 مارچ (خميس ڏينهن ) شام جو چار وڳي تائين ڪرونا جي متاثر مريضن جو انگ 306 کان وڌيڪ ٿي چڪو هو، جيڪو تيزي سان وڌي رهيو آهي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته سکر جي قرنطينه سينٽر مان 150 کان وڌيڪ ماڻهن جي طبي چڪاس ڪئي وئي آهي، انهن مان 40 سيڪڙو ڪرونا جا شڪي متاثر آهن، جن ۾ طبي چڪاس تائين گهڻيون نشانيون اهڙيون آهن، جيڪي ڪرونا جي مريضن ۾ هجن ٿيون، جنهن مان لڳي ٿو ته 50 کان وڌيڪ ماڻهو ڪرونا جا متاثر آهن. ان سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته ايتري انگ ۾ مريضن جي انگ ۾ واڌ جي تصديق بابت ميڊيا تي خبرون اچڻ سان ماڻهن ۾ افراتفري نه پکڙجي وڃي انڪري اعلان آهسته آهسته ڪيو ويندو، ممڪن آهي ته جمعي ڏينهن شام 5 وڳي يا وري رات 10 وڳي تائين مختلف وقتن تي ڪرونا متاثرن جي انگ جو اعلان ڪيو وڃي، جيڪي خميس تي شام تائين موجود هئا.

ٻئي پاسي سنڌ جي صحت کاتي پاران ڪرونا جي تصديق ڪيل متاثرن مطابق، سنڌ ۾ ڪرونا متاثرن جو مجموعي انگ 245 ٿي ويو آهي، جن مان ڪراچي ۾ 28 نوان ڪيس تصديق ڪيا ويا آهن، اهڙي طرح ڪراچي ۾ ڪرونا متاثرن جو مجموعي انگ 94 ٿي ويو آهي. جن ۾ سکر جي سينٽر ۾ موجود 151متاثرين به شامل آهن. ڪرونا متاثرن ۾ ملڪ جي ٻين صوبن ۾ ظاهر ٿيل ڪرونا متاثرن ۾ پنجاب ۾ 78، بلوچستان ۾ 81، ڪي پي ۾ 23، گلگت ۾ 21، اسلام آباد ۾ 7 ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا جو هڪ ڪيس آهي، جنهن بعد ملڪ اندر مجموعي طور 456 مريضن جي تصديق ٿي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *