Wednesday , April 24 2024

سنڌ سميت ملڪ ۾ ڪرونا جي وبا، ويڪسين جون 2021 تائين خريد نه ٿي سگهندي

پاڪستان ۾ ڪرونا ويڪسين ايندڙ سال جي پهرين ڇهه ماهي تائين خريداري جو آسرو ناهي:صحت واري وزارت جا ذريعا

نجي اسپتالون ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين جون پاڪستاني فرنچائيز ڪمپنيون ويڪسين گهرائڻ لاءِ حڪومتي لابنگ ۾ جنبي ويون:ذريعا

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ فيبروريءَ کانپوءِ ڪرونا جي ٽئين لهر اچڻ جو خدشو، ڪرونا ويڪسين ايندڙ سال 2021 جي ٻي ڇهه ماهي تائين تائين خريد ڪرڻ جو امڪان ناهي، وفاقي حڪومت پاران ڪرونا ويڪسين امداد طور حاصل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون وينديون. صحت کاتي سنڌ ۽ صحت جي وفاقي وزارت جي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق سڄي دنيا جيان پاڪستان ۾ هلندڙ ڪرونا وائرس جي وبا جي ٻئي لهر ۾ اڃا تيزي اچڻ واري آهي، جيڪا فيبروري جي آخري هفتي تائين برقرار رهندي، سنڌ ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ڪرونا جو زرو ٻين شهرن کان وڌيڪ برقرار رهندو، جيڪو مٽياري، ميرپورخاص، جيڪب آباد، بدين ۽ سکر ۾ به وڌڻ جو خدشو آهي. ڪرونا جي پکيڙ وڌڻ جو مک ڪارڻ ڪرنسي نوٽ، پبلڪ ٽرانسپورٽ، بازارن ۾ ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ مک ڪارڻ آهن. صحت کاتي جي ذريعن موجب سنڌ ۾ هن وقت ڪرونا جي لهر ۾ وائرس جون بنيادي نشانيون 20 سيڪڙو کان گهٽجي ويون آهن ۽ انهن نشانين کانسواءِ بظاهر صحتمند نظر ايندڙ ماڻهو ڪرونا وائرس جو شڪار هجي ٿو، جيڪو ڪرونا وائرس جي نشانين وارن مريضن کان وڌيڪ خطري ۾ آهن، ڇو ته اهڙن مريضن جي بيماري ۾ مبتلا ٿي اسپتال ڀيڙو ٿيڻ بعد رڪوري انتهائي ڏکي ٿي وڃي ٿي، اهڙن مريضن جا ڦڦڙ وڌيڪ متاثر ٿي وڃن ٿا ۽ خبر دير سان پوي ٿي جنهن جي نتيجي ۾ اهڙن مريضن جي موت جو ريشو وڌي وڌيڪ آهي.

ان سلسلي صحت کاتي جي هڪ عملدار رابطو ڪرڻ تي سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، سنڌ ۾ ايندڙ سال مارچ جي ٻئي هفتي کان ڪرونا جي ٽئين لهر اچڻ جا مڪان موجود آهن، ان جو مک ڪارڻ احتياط نه ڪرڻ ۽  پرڏيهه مان ايندڙ ماڻهن جي بهتر طريقي سان ڪرونا ٽيسٽ نه ٿيڻ، بازارن ۾ ڪرونا ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ سبب وڌي رهيو آهي، قوت مدافعت وڌيڪ هجڻ وارا ماڻهو ته بچي وڃن ٿا پر اهڙا ڪرونا جا مريض وائرس ڦهلائيندڙ گهمندڙ ڦرندڙ وبائي وسيلو آهن، جيڪي نه رڳو عام ماڻهن پر پنهنجي گهر ڀاتين لاءِ به خطرو آهن.

وفاقي حڪومت ڪرونا کان بچاءَ واري ويڪسين خريدڻ بدران امدادي ويڪسين تي ڀاڙڻ جو امڪان

ڪرونا ويڪسين جي پاڪستان ۾ اچڻ ۽ دستياب ٿيڻ بابت معلوم ٿيو آهي ته، پاڪستان ۾ ڪرونا ويڪسين ايترو تڪڙو نه ايندي، ويڪسين ايندڙ سال 2021 جي ٻئي ڇهه ماهي تائين حڪومت پاران خريد ڪرڻ جو في الحال ڪو به امڪان ناهي، صحت جي وفاقي وزارت جي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ڪرونا کان بچاءَ واري ويڪسين جي خريداري بابت جيڪي به ڳالهيون ڪيون پيون وڃن انهن ۾ ڪنهن به قسم جي صداقت ناهي صرف عوام کي دلجاءِ ڏيڻ لاءِ اهڙيون ڳالهيون ڪيون پيون وڃ، ايتري تائين جو وفاقي ڪابينا جي اجلاسن ۾  به چيو پيو وڃي ته ويڪسين خريد ڪئي ويندي يا وري بجيٽ جي ممنظوري جون به ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. وفاقي سرڪار ڪرونا جي وبا کان بچاءَ واري ويڪسين خريد ڪري عوام لاءِ ان جي سستي دستيابي بدران مختلف ملڪن ۽ صحت جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ عالمي امدادي ادارن کان امداد طور حاصل ڪرڻ جون ڪوششون ڪرڻ لاءِ به منصوبابندي ڪئي پئي وڃي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته اهو امڪان رد نه ٿو ڪري سگهجي ته، حڪومت بدران ڪجهه خانگي ڪمپنيون، وڏيون اسپتالون ويڪسين جي موجودگي لاءِ وفاقي  حڪومت کان خصوصي منظوري وٺڻ جي ڪوششن ڪن ۽ ڪجهه دوا ساز ڪمپنيون اهڙين ڪوششن ۾ رڌل به آهن. ان سلسلي ۾ دوائن جي ملٽي نيشنل ڪمپنين جن جون پاڪستان ۾ فرنچائيز ڪمپنيون مود آهن انهن جي مدد ورتي ويندي. ٻي صورت ۾ پاڪستان ۾ ڪرونا ويڪسين ايندڙ سال جي آخر تائين سرڪاري طور سڌي طرح موجودگي جو ڪو به امڪان ناهي.

لمس ڄامشورو ۾500 کان وڌيڪ ملازمن جي غيرقانوني ڀرتي ڪرڻ جو انڪشاف،پرو-وي سي تي پارٽ ٽائيم دوران پي ايڇ ڊي جو الزام

لمس ڄامشورو جي پرو وي سي يونيورسٽي ۾ بادشاهي قائم ڪري ورتي،17 کان وڌيڪ مختلف شعبن جو انچارج بڻيل

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *