Wednesday , April 24 2024

سنڌ ۾ ڪرونا جا مريض 98 هزارن کان وڌي ويا، ملڪ ۾ انگ 2 لک 37 هزارن کان چڙهي ويو

ڪرونا جي وبا تيزي سان پکڙجڻ تي گلشن حديد ۾ وڌيڪ هڪ هفتي لاءِ لاڪ ڊائون ۾ واڌ، بدين ضلعي جا 15 ۽ گهوٽڪي جا 10 کان وڌيڪ علائقا سيل

ڪراچي (چيف رپورٽر    سنڌسماءَچار) ڪرونا جي وبا تيزي سان ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن توڙي ڳوٺن تائين پکڙجي ويو آهي، سنڌ مريضن جو انگ 98 هزار 580 ٿي ويو آهي آهي، ملڪ ۾ ڪرونا جا مريض 2 لک 37 هزار 600 کان وڌي ويو آهي. ڪرونا جي وبا هيل تائين سنڌ ۾ هڪ هزار 620 ٿي ويو آهي، سنڌ مريضن جو انگ 98 هزار 580 ٿي چڪو آهي، سنڌ اندر ڪرونا جي مقاميي سطح تي پکڙجڻ ۾ به تيزي اچي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي ڊويزن جو اولهه ضلعو، ڪراچي ڏکڻ ۽ ملير ضلعا شامل آهن، سکر، گهوٽڪي، خيرپور، ٽنڊوالهيار، ۽ لاڙڪاڻو شامل آهن. گهوٽڪي ۾ ڪرونا جا ڪيس وڌيڪ ظاهر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 10 کان وڌيڪ علائقن ۽ بازارن کي سيل ڪيو ويو آهي، بدين ۾ به گولاڙچي، تلهار ۽ بدين تعلقن جا 15 کان وڌيڪ شهري آبادي وارا علائقا توڙي بازارون وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، جنهنڪري لاڳاپيل ضلعن جي ڊي سيز پاران اتي ايس اوپيز تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ سختي ڪئي وئي آهي، پوليس جي وڌيڪ نفري مقررڪري ماڻهن جي هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ ۽ ماسڪ نه پائيندڙن خلاف ڪاررروايون شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ٻنهي ضلعن جي وڌيڪ متاثر علائقن کي سيل به ڪيو ويو آهي، ملير جي گلشن حديد ۾ به هڪ هفتي لاءِ لاڪ ڊائون ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. سنڌ کانسواءِ ٻين صوبن ۾ ڪرونا جي صورتحال خراب ٿيندي پئي وڃي، نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر ۽ ميڊيا رپورٽس مطابق پنجاب ۾ ڪرونا جي مريضن جو انگ 83 هزار 980، خيبرپختونخوا ۾ 28 هزار 810 ڪرونا جا مريض موجود آهن، بلوچستان ۾ 10 هزار 995، اسلام آباد ۾ 13 هزار 980، اهڙي طرح آزاد ڪشميرر ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪرونا جي مريضن جو انگ ٽن هزارن کان وڌي چڪو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *