Thursday , April 18 2024

سنڌ ۾ ڇاپيو ٿئي؟ ڪيڏا ظالم آهيو، ٽڪو ٽڪو کائي ٿا وڃو: جسٽس گلزار احمد

    جسٽس گلزار احمد     

ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ جي جج، جسٽس گلزار احم ٿرڪول اٿارٽي ۾ ڪرپشن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته، ٿر ۾ نه تعليم آهي، نه خوراڪ، ٿرڪول اٿارٽي جا -15-10 ارب رپيا آخرڪار ويا ڪاڏي، ڪنهن ڪنهن جي اڪائونٽ ۾ ويا ڪا خبر ئي ناهي، اوهان وڏا ظالم آهيو ٽَڪو ٽَڪو کائي ٿا وڃو. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾، جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ بئنچ، ٿر ڪول اٿارٽي ۾ ٿيل ڪرپشن واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران، سپريم ڪورٽ جي جج، جسٽس گلزار احمد رمارڪس ۾ چيو ته، ٿر ۾ تعليم آهي، نه کاڌي لاءِ ڪجهه، ٻار غزائي کوٽ ۾ مري رهيا آهن. جسٽس گلزار احمد سنڌ حڪومت جي نمائندي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته، 50 سيڪڙو خرچ به ڪيا ويندا هوندا، پر سنڌ ۾ سڀ ڪجهه ڦريو لٽيو وڃي ٿو. اوهان کي خبر آهي ته ملڪ جي ٻين صوبن / علائقن ۾ سنڌ بابت ڪهڙا تاثر ڏنا ويندا آهن، اوهان کي نه پنهنجعو خيال آهي ۽ نه پنهنجن ماڻهن ۽ صوبي جو. جسٽس گلزار احمد رمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته، 10، 15 ارب رپيا ڪٿي ويا، ڪنهن جي اڪائونٽ ۾ ويا؟ سنڌ ۾ ڇا پيو ٿي، ڪيترا ظالم ماڻهو آهيو، هڪ هڪ پائي کائي وڃو ٿا. عدالت رمارڪس ڏنا ته ٻين صوبن ۾ 50 سيڪڙو پيسو لڳي ويندو هوندو پر هتي سڀ لٽيو وڃي ٿو، ڇا هي معاملو نيب کي موڪلي ڇڏيون؟ سنڌ حڪومت هر شيءِ تي اکيون بند ڪري رکيون آهن. جسٽس گلزار احمد چيو ته اسان کي ڪهڙن ڪمن ۾ الجهائي ڇڏيو آهي، هڪ مهيني ۾ ٻڌايو پيسا ڪٿي ويا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *