Friday , March 29 2024

سنڌ ۾ هڪ وڌيڪ ڪينٽونمينٽ قائم ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ هڪ وڌيڪ ڪينٽونمينٽ بورڊ قائم ڪرڻ جو فيصلو، پي اي ايف شهباز جيڪب آباد جي ڏيڍ لک جي آبادي وارو علائقو ڪنٽونمينٽ قرار ڏيڻ لاءِ سنڌ ڪابينا جون هنگامي اجلاس ڇنڇر تي طلب. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جيڪب ۾ قائم پي اي ايف بيس جيڪب ۽ ان جي ڀرپاسي جي علائقي کي ڪنٽومينٽ ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري لاءِ سنڌ ڪابينا جو هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه روايت کان هٽي موڪل واري ڏينهن 14نومبر ڇنڇر واري ڏينهن سنڌ ڪابينا جو هنگامي اجلاس سڏائي ورتو آهي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ٻين ايجنڊائن سان گڏ ٻڻ اهم ايجنڊائن تي ڪابينا منظوري ڏيندي. سنڌ ڪابينا جي ايجنڊا مطاب ق پي اي ايف شهباز بيس جيڪب آباد ۽ ان چئني پاسن وارو علائقي ڪينٽونمينٽ جي ڊڪليئريشن جي منظوري ڏني ويندي. جنهن سان جيڪب آباد جا لڳ ڀڳ ڏيڍ لک جي آبادي وارا 12 وارڊ ان ڪنٽونمينٽ ۾ شامل ٿي ويندا.

ان سلسلي ۾ ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته گذريل جون مهيني دوران وفاقي ڪابينا جي هڪ اجلاس ۾ جيڪب آباد ۾ نئون ڪينٽونمينٽ بورڊ قائم ڪرڻ بابت معاملو غور هيٺ آيو هو، جنهن بعد جولا مهيني ۾ وفاقي سرڪار ان جي منظوري ڏئي ڇڏي هئي. ذريعن ان سلسلي ۾ دعويٰ ڪئي ته دفاع واري وفاقي وزارت ان سلسلي سنڌ حڪومت سان لکپڙهه به ڪئي، جنهن تي سنڌ حڪومت معاملي غور ويچار بعد جيڪب آباد ڪينٽونمينٽ وارو معاملو سنڌ ڪابينا ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. سنڌ حڪومت جي ذريعن کان سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق سنڌ حڪومت جيڪب آباد انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائينسز (جمس) به نئين قائم ٿيندڙ ڪينٽونمينٽ بورڊ جي حدن ۾ اچي ويندو. ان کي سنڌ حڪومت وٽ ئي رهڻ ڏيڻ لاءِ قانوني جائزو وٺڻ بابت وڏو وزير مراد علي شاهه فيصلو ڪندو ته ان لاءِ قانونيڪميٽي جائزو وٺي. ان سان گڏ سنڌ حڪومت جيڪب آباد ۾ قائم ٿيندڙ ڪينٽونمينٽ بابت مجموعي طور جائزو وٺڻ لاءِ به ڪميٽي جوڙي سگهجي ٿي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، اهو امڪان گهٽ آهي ته نئون ڪينٽن مينٽ قائم ٿيڻ سان جيڪب آباد انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز سنڌ حڪومت جي ئي ملڪيت رهجي وڃي.

سنڌ ڪابينا پاڪ عمان انويسٽمينٽ ڪمپني جا شيئرز جاري ڪرڻ ۽ منتقلي تي لاڳو اسٽيمپ ڊيوٽي تي ڇوٽ/ ختم ڪرڻ واري معاملي تي به غور ويچار ڪرڻ بعد ان ايجنڊا جي به منظوري ڏني ويندي. پاڪ اومان انويسٽمينٽ ڪمپني جو سڌي ۽ اڻسڌي طرح مک ڪاروباري ڀائيوار وڏي وزير جو اڳوڻو صلاحڪار زبير موتي  والا ۽ پيپلزپارٽي جي هڪ اهم شخصيت جا سندس فرنٽ مينز معرفت شيئرز آهن. ذريعن اها دعويٰ  ڪئي آهي ته، ڇنڇر ڏينهن هنگامي بنيادن تي سڏايل سنڌ ڪابينا جو اجلاس پي اي ايف ڪنشهباز بيس وارو علائقو ڪنٽومينٽ ڊڪليئر قرار ڏيڻ ۽ پاڪ عمان انويسٽمينٽ ڪمپني واري معاملي تي سڏايو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *