Thursday , March 28 2024

سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ، ارسا پنجاب تي اڃا به مهربان

  manglaA

سنڌ ۾ زراعت واري پاڻي جي کوٽ چوٽ چڙهيل آهي، ان دوران ارسا پاران سنڌ کي واڌو پاڻي ڏيڻ جو جيڪو وعدو ڪيو هو، ان تي عمل ئي ناهي ڪيو. سنڌ ۾ پاڻي جي اڻاٺ هجڻ باوجود ارسا پنجاب تي اڳ کان وڌيڪ مهربان ٿي ويو آهي.

IRSA1

دريائي وهڪرا هڪ لک 15 هزار ڪيوسڪ کان وڌي ويا، سنڌ ۾ شديد پاڻي بحران هوندي ارسا اختيارين تربيلا ۽ منگلا ڊيمن کي ڀرڻ شروع ڪري ڇڏيوآهي، وڌيڪ 30800 ڪيوسڪ پاڻي ذخيرو، ان ڏس ۾ ارساپاران جاري ڪيل واٽر شيٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌو درياءَ جا وهڪرا 31800، ڪابل ندي جا 22400 چناب ندي جا 17200 ۽ جهلم ندي جا وهڪرا 44100 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيا ويا، واٽر شيٽ موجب 30800 ڪيوسڪ پاڻي ڊيمن ۾ ذخيرو ڪرڻ بعد صوبن لاءِ 84700 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو، ڪالهه چشما بئراج وٽ مٿيون وهڪرو 30500 ۽ هيٺانهون وهڪرو 27300 ڪيوسڪ رهيو، جنهن کي گذريل ڏهاڙي ارسا وڌائي 35 هزار ڪيوسڪ ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو هو، پنجاب جي آخري بئراج وٽ مٿانهون توڙي هيٺانهون وهڪرو 16400 ڪيوسڪ رهيو، واٽر شيٽ ۾ اها دعويٰ ڪئي وئي آهي ته پنجند وٽان سنڌ لاءِ 4000 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آهي، جيڪو ڪالهه چوٿين ڏينهن به مٺڻ ڪوٽ پهچي نه سگهيو هو.

آبپاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته تونسا وٽان ڇڏيل 16400 ڪيوسڪ پاڻي 4 ڏينهن بعد سکر ۾ 12 يا 13 هزار ڪيوسڪ جي صورت ۾ پهچندو، ڪوٽڙي بئراج لاءِ 3500 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏڻ جي صورت ۾ سکر بئراج تي وڏو بحران پيدا ٿيندو، هوڏانهن گڊو بئراج جو مٿانهون وهڪرو 20500 ۽ هيٺانهون  وهڪرو 18100، سکر بئراج جو مٿانهون وهڪرو 16400 ڪيوسڪ رهيو، جنهن مان 3300 ڪيوسڪ پاڻي ڪوٽڙي بئراج لاءِ ڇڏي باقي بچيل 13100 ڪيوسڪ پاڻي واهن ۾ وهايو ويو،

IRSA4

هوڏانهن ارسا ترجمان خالد رانا منگلا ۽ تربيلا ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته جڏهن دريائن ۾ پاڻي وڌيڪ اچي ٿو ته اسان ان کي گڏ ڪرڻ شروع ڪريون ٿا، پاڻي گڏ انهي ڪري ڪندا آهيون ته جيئن ضرورت وقت اهو پاڻي صوبن کي ڏئي سگهون، پاڻي ماهر ادريس راجپوت چيو ته هينئر پاڻي جي کوٽ آهي، کوٽ ختم ٿيڻ تائين پاڻي ذخيرو ڪرڻ غلط آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *