Friday , May 20 2022
uren

سنڌ ۾ انساني زندگيءَ جي هڪ تلخ حقيقت..!! شهاب اوستو ايڊووڪيٽ

Shahab Ustoشهاب اوستو

  ڪجهه ملڪ ۽ سماج سست رفتاريءَ سان ئي سهي، پر پنهنجي سماجي، معاشي ۽ سياسي ادارن کي ترقي وٺرائيندا آهن ۽ ڪي رياستون ۽ سماج نه رڳو فقط هڪ لڪير جيتري ڪاميابي حاصل ڪري سگهندا آهن، پر اڪثر ڪري زوال پذيريءَ واري ڪيفيت ۾ رهندا آهن. ايستائين جو اهي سماج پنهنجا موجود ادارا، اثاثا، وسيلا ۽ اخلاق به وڃائي ويهندا آهن. افغانستان، صوماليا، يمن، عراق، شام ۽ ڪنهن حد تائين پاڪستان اهڙا مثال آهن، جيڪي تنزليءَ ڏانهن پيا وڃن.

انهن ملڪن ۾ هڪڙي شيءِ ساڳي آهي ته اتي موثر سياسي ۽ معاشي ادارن جي کوٽ آهي ۽ اهڙي باصلاحيت قيادت جي پڻ کوٽ آهي، جيڪا رياست کي نه رڳو اندروني، پر پرڏيهي خطرن کان به بچائي سگهي. نه رڳو ايترو پر اتي ائين به ڪونهي، جو عام شهري گهربل سهولتون حاصل ڪري سگهي. اتي ماڻهن جي بنيادي انساني حقن جو احترام اڻلڀ آهي، نه وري اتي برابريءَ جو ڪو تصور آهي. اسان کي ته هڪ اهڙو سماج گهرجي، جتي اقليت سان تعلق رکندڙ ڪو ماڻهو رڳو ان ڪري سزا جو مرتڪب نه ٿئي، جو هو ڪنهن مختلف نسل ۽ عقيدي سان تعلق رکندڙ هجي. ڪنهن به رياست کي لازمي طور تي اهڙو ماحول ٺاهڻ گهرجي، جنهن ۾ مختلف نسل ۽ عقيدي جا ماڻهو گڏجي رهي سگهن. اسان کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته مٿي ذڪر ڪيل ڳالهيون نه رڳو اخلاقي گهرج آهن پر اهي ڪنهن به جديد، مستحڪم ۽ ترقي ڪندڙ رياست جو بنياد به آهن.

اها اسان جي بدقسمتي آهي، جو اسان جي قيادت، سياستدان، سولين ۽ نان سولين ڪاموراشاهي توڙي عوامي راءِ جوڙيندڙ هن مهل تائين اهڙو سماج جوڙڻ ۾ ناڪام ويا آهن، جنهن کي جديد، مستحڪم، وڻندڙ يا ترقي ڪندڙ ڪوٺي سگهجي. حقيقت ۾ اسان جي رياست ۽ سماج وڏي پيماني تي ورهايل آهي. علائقائي طور تي اسان اڪيلائي ۽ خطري جو شڪار آهيون، ٻولي ۽ مذهب جي بنياد تي ملڪ جي هر حصي ۾ مداخلت جاري آهي. سول ۽ ملٽري تعلقات هن وقت تائين خراب ۽ غير يقينيءَ جو شڪار آهن. جمهوريت جو مستقبل به لوڏن ۾ آهي. اسان جي عوامي خدمت ڪرڻ وارا ادارا خطرناڪ حد تائين غير فعال، ڪرپٽ ۽ غير موثر ٿي چڪا آهن. خاص طور تي سنڌ اندر اسان جا چونڊيل نمائيندا سياسي ادارن کي مضبوط ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا آهن، شايد هو نٿا ڄاڻن ته سياسي ادارن جي مضبوطيءَ سان ئي جمهوريت جو دفاع ڪري سگهبو آهي ۽ ان سان ئي معيشت کي مستحڪم ڪري عام ماڻهو کي فائدو پهچائي سگهبو آهي.

سنڌ جو حقيقتون ڏاڍيون ڇرڪائيندڙ آهن، جتي هڪڙي پاسي سياستدانن، ڀوتارن، طاقتور واپارين، صنعتڪارن ۽ ڪامورا شاهي جو اتحاد آهي ته ٻئي پاسي ڪا به اهڙي پارٽي يا سياسي مخالف ڌر موجود ناهي، جيڪا خراب حڪمرانيءَ ۽ عوامي ادارن اندر ٿيندڙ ڪرپشن کي وائکو ڪري سگهي يا ڪرپشن جي رستا روڪ ڪري سگهي. ان جو نتيجو اهو آهي، جو سموري منصوبابندي ۽ عوامي پاليسين تي ان انداز سان عمل نٿو ٿي سگهي، جنهن سان ڪو سماجي يا معاشي ترقيءَ ممڪن ٿي سگهي. هتي ته اهڙا عمل ٿين ٿا، جن سان بدانتظامي ۽ عوامي پئسي جي غلط استعمال جي حوصلا افزائي ٿئي ٿي. ان حوالي سان مان هيٺ ڪجهه مثال ڏيندس، جيڪي منهنجي ”پاڻي پٽيشن“ جي روشنيءَ ۾ سپريم ڪورٽ پاران جوڙيل پاڻي ڪميشن ۽ منهنجي ڄاڻ ۾ آيا.

ڪراچي:

ڪراچي کي روزانو 550 ملين گيلن پاڻي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ذريعي ڪينجهر ڍنڍ ۽ 100 ملين گيلن حب ڊيم مان حاصل ٿئي ٿو. ڪراچي جي ڪل گهرج اٽڪل 1000 ملين گيلن روزانو آهي. اتي 3 فلٽر پلانٽس آهن پر انهن مان ڪوبه مڪمل طور تي ڪم ڪندڙ ناهي. ڪميشن پاران ڪراچيءَ ۾ ”پاڪستان ڪائونسل آف ريسرچ آن واٽر سورسز“ کي اهڙي پاڻي جي ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ چيو ويو. ان ٽيسٽ اهي نتيجا ڏنا ته ڪراچيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ 80 سيڪڙو پاڻي پيئڻ جي حوالي سان غير صحتمند آهي. روزانو صنعتن جو اٽڪل 575 ملين گيلن آلوده پاڻي، شهري گند ۽ اسپتالن جو ڪچرو روزانو سمنڊ ۾ اڇلايو وڃي ٿو، جيڪو سامونڊي جيوت لاءِ وڏي تباهي آڻي رهيو آهي. ڪراچي ۾ 3 ٽريٽمينٽ پلانٽ موجود آهن پر ڪيترن ئي سالن کان سمورا پلانٽ بند پيل آهن. حقيقت اها آهي ته محمود آباد واري 135 ايڪڙن واري ٽريٽمينٽ پلانٽ مان 50 ايڪڙ مصطفيٰ ڪمال جي ميئرشپ واري دور ۾ سندس پارٽي سان لاڳاپيل ماڻهن کي غيرقانوني طور تي الاٽ ڪيا ويا، جڏهن ته ان زمين جا ٻيا 40 ايڪڙ هڪ سازش تحت ڪراچي واٽر بورڊ پاران لينڊ مافيا جي حوالي ڪيا ويا. هاڻي ڪميشن پاران واٽر بورڊ کي هدايتون ڏنيون ويون آهن ته بچيل زمين تي پلانٽ کي ٻيهر شروع ڪيو وڃي ۽ قبضي هيٺ آيل زمين کي آجو ڪرايو وڃي. حب فلٽر پلانٽ هڪ پهاڙي تي واقعي آهي. اسان جي دوري دوران اهو ٻڌايو ويو ته شروعاتي طور تي ان پلانٽ لاءِ 100 کان وڌيڪ ايڪڙ زمين ڏني وئي پر ريتي بجري مافيا پوليس ۽ ڪراچي بورڊ جي مدد سان قبضا ڪرن شروع ڪيا، جنهن کان پوءِ پلانٽ جي زمين گهٽ ٿيندي فقط 20 ايڪڙن تائين بچي آهي ۽ جيڪڏهن ريتي بجري مافيا کي نه روڪيو ويو ته پلانٽ ختم ٿي ويندو. ڪميشن حڪم جاري ڪيو ته ان جاءِ تي هڪ پوليس چوڪي قائم ڪئي وڃي ۽ ڊي آءِ جي شخصي طور تي ان حوالي سان هر ٽن مهينن کانپوءِ هڪ رپورٽ داخل ڪرائي. وڌيڪ اهو ته شهر ۾ جيڪي درجنين غير قانوني هائيڊرنٽس ڪم ڪري رهيا آهن، ڪميشن جي حڪم کانپوءِ پوليس انهن کي بند ڪرائي رهي آهي.

اُتر سنڌ:

لاڙڪاڻو، شڪارپور، جيڪب آباد، سکر، نيو سکر، روهڙي ۽ خيرپور نساسڪ ڪمپني (North Sindh Urban Sindh Corporation) جي حوالي ڪيا ويا ته اها پاڻيءَ جي سپلاءِ، سينٽيشن ۽ سالڊ ويسٽ جي نيڪال کي يقيني بنائي. نساسڪ کي ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ طرفان 400 ملين ڊالر قرض ڏنو ويو. نساسڪ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي. ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ڪورٽ ۾ اهو اعتراف ڪري چڪو آهي ته مٿي ڄاڻايل شهرن جا مسئلا نساسڪ جي خراب ڪارڪردگيءَ سبب پيدا ٿيا آهن. نساسڪ جو چيف اسٽيل مل مان ڊيپوٽيشن تي مقرر ٿيل آهي، جيڪو هڪ طاقتور ڪٽنب سان تعلق رکي ٿو. تازو ئي لاڙڪاڻو ۽ خيرپور نساسڪ کان واپس وٺي ميونسپل اختيارين حوالي ڪيا ويا آهن، ڇاڪاڻ جو نساسڪ ناڪام ٿي چڪي آهي. PCRWR پاران ڪيل پاڻي جي ٽيسٽ اهي نتيجا ڏنا ته سکر جو 82 سيڪڙو پاڻي، شڪارپور جو 79 سيڪڙو پاڻي ۽ لاڙڪاڻي جو 88 سيڪڙو پاڻي پيئڻ جي لائق ڪونهي. انهن شهرن ۾ ڪوبه ٽريٽمينٽ پلانٽ هلندڙ ناهي ۽ صنعتن جو پاڻي ميونسپل ۽ اسپتالن جو گند ڪچرو ان درياءَ ۾ اڇلايو وڃي ٿو، جتان هنن شهرن جي ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي فراهم ٿئي ٿو. اهو سڀ ڪجهه ان باوجود به ٿيندو رهيو آهي، جڏهن نساسڪ کي هزارين ملازم ۽ اربين روپيا ڏنا ويا. ان صورت باوجود هن مجرماڻي ڪوتاهي ڪرڻ تي ڪنهن هڪڙي ماڻهو يا اختياريءَ کي گرفت ۾ ناهي آندو ويو. لاڙڪاڻي ۾ ڪميشن جي حڪم تي اختيارين پاران اهو قسم نامو ڏنو ويو آهي ته بند پيل پلانٽ، پمپنگ اسٽيشن ۽ اسپتالن ۾ گند ڪچرو ساڙيندڙ يونٽ ٻن مهينن جي اندر شروع ڪيا ويندا، جيڪي ائين نه ٿيو ته انهن کي توهين عدالت کي منهن ڏيڻو پوندو. جيڪب آباد ۾ 14 لک جي ماليت سان قائم فلٽريشن پلانٽ جي غير فعال هجڻ بابت جاچ جو آرڊر پڻ ڏنو ويو آهي. شڪارپور ۾ ٽي ايم اي جي 135 ايڪڙ زمين تان هڪ خراب ٿيل پلانٽ ۽ اسڪارپ جو نالو ختم ڪيو ويو آهي. سکر ۾ نساسڪ جي ايم ڊي قسم نامو ڏنو آهي ته هلندڙ سال جون جي مهيني تائين 2 واٽر فلٽر پلانٽ مڪمل ڪيا ويندا ۽ ماڻهن کي ڊبليو ايڇ او جي مقرر ٿيل معيار موجب پاڻي فراهم ڪيو ويندو.

حيدرآباد:

حيدرآباد صوبي جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي جنهن جي حالت به انتهائي خراب آهي. حيدرآباد کي 5 فلٽر پلانٽ ڏنل آهن پر انهن مان ڪو هڪ به هلندڙ ناهي، نه وري ٽريٽمينٽ پلانٽ فعال آهي. شهر جي 312 صنعتن جو آلوده پاڻي ۽ شهر جو گند ڪچرو ڦليلي واهه ۾ ڇڏيو وڃي ٿو. هتان جون اسپتالون 2014ع جي ويسٽ مينجمينٽ واري قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي پنهنجو گند ڪچرو ڦليلي ۾ اڇلائين ٿيون. ڪيترائي ڪوس گهر پڻ ڦليلي ڪناري تي قائم آهن، جن جو گند ڪچرو پڻ ان ۾ اڇلايو وڃي ٿو. ان باوجود حيدرآباد ۾ رهندڙ ماڻهن کي ساڳيو ڦليلي جو پاڻي سپلاءِ ڪيو وڃي ٿو. زراعت لاءِ قائم ٿيل تاريخي واڌو واهه کي گندو نالو بڻايو ويو آهي. اهو اٽڪل 5 ميلن جو واهه آهي جيڪو هن وقت حد دخلين کانپوءِ ڏيڍ ميل وڃي بچيو آهي. ڪوٽڙي جي صنعتن جو زهر آلود ۽ انتهائي خطرناڪ ڪچرو ڪي بي فيڊر ۾ اڇلايو وڃي ٿو. اٽڪل هڪ ارب روپين جي لاڳت سان ٺاهيل ٽريٽمينٽ پلانٽ ڪڏهن به ناهي هلايو ويو. شهر جا اٽڪل 2 لک ماڻهو ڪي بي فيڊر مان پاڻي واپرائين ٿا ۽ پوءِ ساڳي ڪي بي فيڊر جو پاڻي ڪينجهر ذريعي ڪراچيءَ کي به فراهم ڪيو وڃي ٿو. ڇا ان ڳالهه تي به حيرت نه کائجي ته PCRWR جي ٽيسٽ نتيجن موجب ڪي بي فيڊر جو 85 سيڪڙو پاڻي غير صحت بخش آهي. پاڻي ڪميشن جي آرڊر موجب حيدرآباد جي ڪمشنر قسم نامو ڏنو آهي ته ڦليلي ۽ واڌو واهه تان قبضا ختم ڪرايا ويندا. ڪوس گهر ۽ ڪجهه مال جا واڙا اڳواٽ هٽايا ويا آهن. ڪميشن کي ٻڌايو ويو ته 10 ارب اڳواٽ خرچ ٿي چڪا آهن ۽ ڪجهه پروجيڪٽ اڃان تائين مڪمل ٿيڻا آهن. بدانتظامي جي انتها اها آهي، جو قاسم آباد جهڙي ننڍي ٽي ايم اي ۾ 592 ملازم ڀرتي ٿيل آهن، جن مان فقط 209 سينيٽري ورڪر آهن ۽ ٻيا سمورا ملازم انهن جي نگهباني ٿا ڪن.

ٺٽو:

ٺٽي ۾ پڻ صورتحال مايوس ڪندڙ آهي. اسان کي ٻڌايو ويو ته فقط 20 سيڪڙو ماڻهن کي پاڻي سپلاءِ ٿئي ٿو، جڏهن ته 80 سيڪڙو ماڻهو پاڻي خريد ڪن ٿا. آر او پلانٽ غير فعال آهن. ڪميشن پاران آر او پلانٽ بابت انڪوائري لاءِ ڪمشنر مقرر ڪيو ويو آهي. ڪو به فلٽر يا ٽريٽمينٽ پلانٽ ڪم نه ٿو ڪري. ڊاڪٽرن اسان کي ٻڌايو ته ماڻهو خراب پاڻيءَ مان پيدا ٿيندڙ بيمارين ۾ ورتل آهن، جن ۾ هيپاٽائيٽس ۽ گردن جون بيماريون شامل آهن.

بدين:

بدين ۾ ڪوبه آر او پلانٽ يا ٽريٽمينٽ پلانٽ ڪم نه ٿو ڪري. ماڻهن جي اڪثريت قاضيه واهه جو پاڻي واپرائي ٿي پر قاضيه واهه جي ٻنهي ڪنارن تي ماڻهن قبضا ڪري گهر ٺاهي ڇڏيا آهن، جيڪي پنهنجو گند ڪچرو قاضيه واهه ۾ اڇلائين ٿا. مطلب ته ماڻهو گٽر جو پاڻي واپرائي رهيا آهن. ڪميشن پاران مقامي انتظاميا کي حڪم جاري ڪيو ويو ته قاضي واهه تي ٿيل قبضا ختم ڪرايا وڃن. ٻڌايو ويو ته ڊپٽي ڪمشنر کي اهڙين حددخلين خلاف ايڪشن کڻڻو آهي.

مٺي:

مٺي کي ملڪ جو سڀ کان وڏو آر او پلانٽ ڏنل آهي. ڪميشن کي ٻڌايو ويو ته اهو پلانٽ روزانو 20 لک گيلن پاڻي تيار ڪري ٿو پر اسان مشاهدو ڪيو ته ان جي پاڻي جمع ڪرڻ واري صلاحيت صرف 5 لک گيلن جي آهي. سنڌ سرڪار پاران سنڌ ۾ آر او پلانٽ جا انتظام سنڀالڻ لاءِ اوسيسس ڪمپني کي هڪ هزار گيلن تي 160 روپيه ادا ڪيا پيا وڃن. پر مٺي آر او پلانٽ جي پاڻي فلٽر ڪرڻ واري صاحيت جو اندازو نٿو هڻي سگهجي. ان کي ڪابه ليبارٽري فراهم ٿيل ناهي، جتي ان جو معيار چڪاسي سگهجي. ماڻهن کي ڪو فائدو ڏيڻ کان سواءِ ئي هڪ ڪروڙ جهڙي وڏي رقم هن پلانٽ لاءِ ادا ڪئي وئي آهي. حقيقت اها آهي ته نئون ڪوٽ ۾ مٺي پاڻي جو وڏو ذخيرو موجود آهي. اسان کي انجنيئرز ٻڌايو ته اتان کان سموري مٺي جون پاڻي واريون ضرورتون پوريون ڪري سگهجن ٿيون پر فالتو ۽ مهانگن آر او پلانٽس لاءِ جواز پيدا ڪرڻ خاطر پائيپ لائين نه ٿي وڇائي وڃي.

عمرڪوٽ:

هتان جا ماڻهو کارو پاڻي واپرائي رهيا آهن. 2012ع ۾ هتي ڪروڙين روپين جي لاڳت سان هڪ فلٽر پلانٽ تعمير ڪيو ويو پر اهو هن مهل تائين بجليءَ جا ٽرانسفارمر نه هجڻ سبب غير فعال رهيو. سنڌ سرڪار پاران ٽرانسفارمر لڳائڻ لاءِ 24 لک روپيه به ادا ڪيا ويا پر حيسڪو ٽرانسفارمر نه لڳايا ۽ نه وري ڪنهن مقامي اڳواڻ انهن جي لڳائڻ لاءِ ڪا ڪوشش ورتي. اتي به اهڙي ڪوتاهي ڄاڻي واڻي ڪئي وئي ته جيئن آر او پلانٽس لاءِ جواز پيدا ٿي سگهي. ڪميشن جي آرڊر تي 48 ڪلاڪن جي اندر ٽرانسفارمر لڳايا ويا.

ميرپورخاص:

هتي به ڪو فلٽر يا ٽريٽمينٽ پلانٽ ڪم نه پيو ڪري. اٽڪل 60 سيڪڙو ماڻهو جرواري شاخ مان پاڻي پيئن ٿا، جيڪو حقيقت ۾ گدلو نالو آهي. ڊي سي اهو اعتراف ڪيو ته 30 کان 40 سيڪڙو ماڻهو پيئڻ لاءِ ان نالي جو پاڻي واپرائين ٿا. مطلب ته سنڌ جو چوٿون نمبر وڏو شهر پڻ گٽر جو مليل پاڻي استعمال ڪري رهيو آهي. هن وقت تائين سرڪار ۽ مقامي سياسي قيادت ان سلسلي ۾ ڪوبه تحرڪ نه ورتو.

مٿين صورتحال کي ڏسندي ڇا اسان اهو چئي سگهون ٿا ته اسان جا ماڻهو جانورن کان بهتر زندگي گذري رهيا آهن؟ پر ڇو؟ ڇاڪاڻ جو چند ڀوتار، وزير، ٺيڪيدار ۽ ڪامورا ملڪ ۾ يا ملڪ کان ٻاهر اثاثا خريد ڪرڻ لاءِ وڌيڪ پئسا ڪمائڻ چاهين ٿا. ان ڪري ئي انهن ماڻهن کي ڇڏي ڏنو آهي ته ڀلي هو جانورن کان به بدتر زندگي گذارين

About Asghar Azad

Check Also

غربت جو خاتمو چاهيون ئي نه ٿا،سکڻيون دانهون ڪرڻيون آهن

Share this on WhatsAppغربت جو خاتمو چاهيون ئي  نه ٿا،سکڻيون دانهون ڪرڻيون آهن! – اصغر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *