Thursday , March 28 2024

سنڌ ۾ اسڪول اڄ کان ٻن هفتن لاءِ بند

ڪراچي(چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڪرونا جو زور وڌي وڃڻ ۽ وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ سنڌ حڪومت اڄ کان ٻن هفتن لاءِ بند ڪري ڇڏيا، سعيد غني چيو آهي ته پهرين کان اٺين درجي تائين جا ڪلاسز 21 اپريل تائين بند رهندا، امتحانن جي شيڊيول ۾ تبديل ڪرڻي پئي ته ڪنداسين پر هن سال ڪنهن کي به پروموٽ نه ڪيو ويندو. سنڌ حڪومت ڪرونا کي پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ هفتي جا ٻه ڏينهن جمعو ۽ آچر سموريون بازارون بند ڪرڻ ۽ بين الصوبائري ٽرانسپورٽ به هفتي جا به ڏينهن بند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي، بين الصوبائي ٽرانسپورٽ تي نائين ۽ ڏهين اپريل جي وچين رات کان 25هين ۽ 26هين رات تائين هر هفتي ٻه ڏينهن بند رهندي. سنڌ حڪومت جي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته بين الصوبائي ٽرانسپورٽ تي ٻن هفتن لاءِ پابندي مڙهي سگهجي ٿي، ان جو ڪارڻ اهو آهي ته پنجاب ۾ ڪرونا جي ڪيسن جي شرح تيزي سان وڌي رهي آهي ۽ اتان کان ماڻهن جي اچ وڃ سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي وبا کي پکيڙڻ جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *