Friday , March 29 2024

سنڌ ۾ احساس ڪفالت جي امدادي رقم مان ڪٽوتيون بند نه ٿيون

فيض گنج ( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ جي ٻين شهرن جيان فيض گنج ۾ به احساس ڪفالت جي امدادي رقم مان ڪٽوتين جو سلسلو ختم نه ٿيو، مستحقن جي رقم مان هڪ هزار رپيا ڪٽوتي جو انتظاميا سميت ڪنهن به نوٽيس نه ورتو. سنڌ ۾ بينظر انڪم سپورٽ پرگرام کانپوءِ احساس ڪفالت پروگرام ۾ مستحق ماڻهن کي ملندڙ رقم مان ڪٽوتين جو سلسلو جيئن جو تيئن جاري آهي، مختلف شهرن ۾ پنج سئون کان پندرنهن سئو رپين تائين ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي، بي پهچ ماڻهن کي حڪومت پاران ملندڙ امدادي رقم  مان احساس سينٽرز تي رقم تقسيم ڪندڙن کي 13 هزار رپين بدران، ڪٿي 11 هزار تي 12 هزار ڏنا پيا وڃن، ڪجهه علائقن ۾ ته ٽِڻ هزار رپين تائين به ڪٽوتيون ڪيون وڃن ٿيو.

فيض گنج جي احساس ڪفالت سينٽر تي به هميشه جيان عورتن کي 13 هزار بدران ٻن کان ٽي هزار ڪٽوتي ڪري 11 هزار ۽ 10 هزار ڏنا پيا وڃن. احساس سينٽر تي رقم وٺڻ لاءِ ايندڙ عورتن دانهيندي چيو آهي ته جيڪڏهن رشوت ڏيڻ کان انڪار ڪيون ٿا ته فنگر پرنٽ ميچ نه ٿيڻ يا وري رقم اڃا نه اچڻ جو واپس موٽيا وڃي ٿو، ڪجهه ڏينهن پنڌ ڪرائڻ کانپوءِ به گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار رپيا ڪاٽيا وڃن ٿا، مجبوريءَ ۾ رقم جي ڪٽوتي ڪرائيئڻي پوي ٿي. متاثرن جو چوڻ آهي ته شڪايتن جو ڪو به کڙتيل نٿو نڪري، مقامي انتظاميا، ايف آءِ اي ۽ پوليس سميت لاڳاپيل سموريون اختياريون خاموش تماشائي بڻيل آهن. مستحقن جي شڪايتن تي جڏهن صحافي احساس سينٽر پهتا ۽ ڊوائيس هولڊرز کان رقم جي ڪٽوتي بابت پڇيو ويو ته هنن سخت ۽ اڍنگي انداز ۾ نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيندي چيو ته، کين انتظاميا، علائقي جي سياسي اڳواڻن ۽ پوليس جي سرپرستي حاصل آهي، رقمن مان ڪٽوتي اسان جو روزگار آهي، انڪري اسان کي ڪير ڪجهه به نٿو ڪري سگهي.

متاثر مستحقن مطالبو ڪيو آهي ته احساس پروگرام جي چيئر پرسن ثانيا نشتر، ايف آءِ اي سميت لاڳاپيل وفاقي حڪومت جون اختياريون نوٽيس وٺي سڄي سنڌ سميت فيض گنج مان به احساس ڪفالت جي رقم مان ڪٽوتيون بند ڪرائن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *