Saturday , April 20 2024

سنڌ ۾لاڪ ڊائون کانپوءِ ٻين صوبن دٻاءَ ۾ اهڙا  فيصلا ڪيا، ملڪ لاڪ ڊائون برداشت نه ڪندو: وزيراعظم

موجوده حالتن ڪنهن به ذخيرا اندوزي ڪرڻ نه ڏينداسين، اهڙن ماڻهن کي سختي سان منهن ڏنو وڃي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت صوبي ۾ لاڪ ڊائون ڪيو جنهن کان پوءِ ٻين صووبن به دٻاءَ ۾ اچي لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو، پاڪستان لاڪ ڊائون جو برداشت ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي، موجده حالتن ۾ عوام کي ريليف ڏيڻ چاهيون ٿا، عوام کي پاڻمرادو احتياط ڪرڻ گهرجي. وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سمورن ميبمبرز وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ڪورونا وائرس سبب معاشي اثرن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ اعلانيل ريليف پيڪيج جي منظوري ڏني وئي، اجلاس دوران ڳالهائيندي وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته ريليف پيڪيج ۾ سمورن شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن خاص طور تي مزودر طبقي کي وڌيڪ فائدو حاصل ٿيندو، ڪرونا وائرس جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سمورا ادارا پنهنجو پنهنجو ڪردار مثبت انداز ۾ ادا ڪري رهيا آهن. اجلاس دوران ميمبرز صلاح ڏني ته عوام پاران لاڪ ڊائون تي عمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ ڪرفيو واري آپشن تي به غور ڪرڻ گهرجي، جنهن تي وزير اعظم عمران خان چيو ته ڪرونا وائرس جي صورتحال کي نظر ۾ رکي سمورا فيصلا عوام جي مفاد ۾ ڪيا ويندا.وزيراعظم جو چوڻ هو ته، وائرس جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ڪنهن کي به شيون ذخيرو ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، ذخيرو ڪندڙن کي سختي سان چٿيو ويندو، هن مشڪل وقت ۾ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، هن وقت پورو ملڪ بند نٿا ڪري سگهون، عوام خود احتياط ڪري ته اهو بهتر آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *