Friday , March 29 2024

سنڌ ڪابينا آءِ جي سنڌ خلاف چارج شيٽ جاري ڪري ڇڏي

سنڌ ڪابينا آءِ جي سنڌ خلاف چارج شيٽ جاري ڪري ڇڏي، آءِ جي سنڌ اهڙا بيان ڏنا جيڪي کيس نه ڏيڻ گهربا هئا: سعيد غني

ڪراچي (رپورٽ: آفاق ڀٽي  سنڌسماءَچار) سنڌ ڪابينا آءِ جي سنڌ ڪليم امام خلاف چارج شيٽ جاري ڪندي کي هٽائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، آءِ جي سنڌ لاءِ آءِ جي خيبر پختونخوا ثناءُ الله عباسي سميت چئن نالن تي اتفاق، وفاقي حڪومت کي ٽي نالا اماڻيا ويندا، جن مان وفاقي اسٽبلشمينٽ ڊويز هڪ نالي جي منظوري ڏيندي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اوچتو سنڌ ڪابينا جو هنگامي اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ گهرايو، جنهن ۾ ون پوائنٽ ايجنڊا آءِ جي سنڌ جي بدلي واري معاملي تي غور ڪيو ويو. سنڌ ڪابينا جي اجلاس دوران وڏي وزير مراد علي شاهه صوبائي وزيرن آڏو آءِ جي سنڌ ڪليم امام کي هٽائي نئون آءِ جي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو، ذرعن اها به دعويٰ  ڪئي آهي ته سنڌ ڪابينا جي هنگامي اجلاس جو ڪورم به پورو نه هو. سنڌ ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ سُڌسماءَ واري کاتي جي وزير سعيد غني ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته، ڪابينا سنڌ جي آءِ جي ڪليم امام جون خدمتون وفاقي کي واپس ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، هن چيو ته ڪابينا سنڌ جي نئين آءِ جي لاءِ چئن سينئر پوليس عملدارن جي نالن تي اتفاق ڪيو آهي، انهن ۾ غلام قادر ٿيٻو، آءِ جي خيبرپختونخواه ثناءُ الله عباسي، آءِ جي ريلوي مشتاق مهر ۽ ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي ڪامران فضل شامل آهن، جن مان 3 نالا وفاقي سرڪار کي اماڻيا ويندا، جنهن مان هڪ کي آءِ جي سنڌ بڻايو ويندو. سعيد غني پريس ڪانفرنس ڪندي موجوده آءِ جي ڪليم امام خلاف اڻ-لکيل چارج شيٽ ميڊيا آڏو پيش ڪري ڇڏي، سعيد غني چيو ته، جڏهن کان ڪليم امام آءِ جي ٿيو آهي تڏهن کان سنڌ ۾ ڏوهه وڌي ويا آهن، خاص طور تي ڪراچي ۾ به اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ٻيا ڏوهه وڌي ويا آهن. هن چيو ته آءِ جي سنڌ ڪليم امام کي گذريل سال ڊسمبر 13 تي آخري خط لکيو ويو هو، جنهن ۾ کيس ٻڌايو هو ته هُو رولز جي خلاف ورزي ڪري رهيو آهي، انهي ڪري اوهان جي يعني ڪليم امام خلاف اسٽبلشمينٽ ڊويز کي خط لکڻ  تي ويچاريو پيو وڃي، اڄوڪو اجلاس به ان ئي سلسلي ۾ ٿيو آهي. سعيد غني چيو ته آءِ جي سنڌ ڪيترائي ڀيرا غير ذميواراڻا بيان به ڏنا جيڪي ايڏي وڏي عهدي تي موجود شخص کي مناسب نه هئا. صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته آءِ جي سنڌ ڪليم امام خلاف ضابطن جي ڀڇڪڙي تي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، اُن حوالي سان اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي سفارش ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، ڇاڪاڻ جو کوڙ سارن مامرن ۾ آءِ جي سنڌ رولز جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. آءِ جي سنڌ ڪليم امام ڪابينا جو اعتماد وڃائي چڪو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *