Friday , April 19 2024

سنڌ پوليس ۾ ڀرتي ٿيل رٽائرڊ فوجين کي نوڪرين مان نيڪالي واري حڪم تي عمل نه ٿيو

ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت سنڌ پوليس ۾ ڀرتي ڪيل رٽائرڊ 2000 جوانن کي نوڪرين مان نيڪالي ڏئي ڇڏي، رٽائرڊ آرمڊ فورسز جي ڀرتي ڪيل اهلڪارن کي نوڪرين مان برطرفي فوري طور تي عملدرآمد تي عمل ناهي ٿي سگهيو. 8 سال اڳ 2013 ۾ سنڌ حڪومت جي هڪ فيصلي تحت آرمڊ فورسز جي رٽائرڊ اهلڪارن کي سنڌ پوليس ۾ ڀرتي ڪيو ويو هو. اهڙين ڀرتين خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل هڪ درخواست تي داخل ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ عدالت کي درخواست ڪئي وئي هئي ته اهڙن ڀرتي ڪيل سمورن ماڻهن کي نوڪرين مان نيڪالي ڏني وڃي، جنهن تي عدالت درخواست منظور ڪئي هئي، جنهن بعد انهن پوليس اهلڪارن کي نوڪرين مان نيڪالي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. نوٽيفڪيشن موجب ڀرتي ڪيل اهڙن رٽائرڊ آرمڊ فورسز  جي جوانن جن پوليس ٽيننگ وارو شرط مڪمل ڪيو هو ۽ ان کي ٽريننگ ڪميٽي ڪليئرنس ڏنو هو انهن کانسواءِ ٻين سمورن اهلڪارن کي31جولاءِ تائين سومريون قانوني گهرجون پوريون ڪري نوڪرين مان ڪڍيو وڃي.

ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيل اهڙن اهلڪارن جي نيڪالي بابت جڏهن سنڌ پوليس جي هڪ ذميوار آفيسر سان رابطو ڪيو ته هن سنڌسماچار کي نالو نه لکڻ جي شرط تي ٻڌايو ته، “رٽائرڊ آرمڊ فوسرز جي پوليس ۾ ڀرتي ڪيل اهلڪارن کي اڃا تائين نوڪرين مان نيڪالي واري حڪم تي عمل ناهي ٿيو، سنڌ حڪومت جي هڪ بااثر ۽ بااختيار شخصيت ان فيصلي تي ڪجهه ڏينهن تائين عمل روڪڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري اهو معاملو في الحال رولڙي ۾ آهي.” هن ٻڌيو ته ”سنڌ پوليس ۾ آرمڊ فورسز جي2000رٽائرڊ جوانن کي سنڌ حڪومت جي حڪمن تي تڏهوڪي آءِ جي غلام قادر ٿيٻو جي منظوري بعد ڀرتي ڪيوم ويو هو. جن مان ڪجهه اهلڪار سنڌ پوليس جي ٽريننگ به ڪئي هئي، جن اهلڪارن پوليس جي ٽريننگ حاصل ڪئي هئي انهن کي نوڪرين مان ن ڪڍيو ويندو.”

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *