Tuesday , April 16 2024

سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردياڻين کي تنگ جو سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس ورتو،وي سي به ڦاٽ کاڌو

ڊاڪٽر فتح محمد برفت-وي سي سنڌ يونيورسٽي

اسلام آباد ( سنڌ سماءَ چار نيوز) سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردياڻين کي تنگ ڪرڻ واري معاملي جو نيٺ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس وٺندي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. سپريم ڪورٽ جي نوٽيس بعد نيٺ وي سي به ڦاٽ کاڌو آهي.

گذريل ڪجهه عرصي کان سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردياڻين کي تنگ واري معاملي بابت ڪجهه شاگردياڻين ۽ سندن والدين پاران سپريم ڪورٽ جيمچيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار کي خط لکيو ويو هو. خط ۾ چيف جسٽس کي معاملي جي جاچ ڪري ملوث ماڻهن ۽ يونيورسٽي جي انتظاميا خلاف ڪارروائي جي اپيل ڪئي وئي هئي.

چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ان خط تي پاڻمرادو نوٽيس وٺندي معاملي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. چيف جسٽس، سنڌ يونيورسٽي جي رجسٽرار کي هدايت ڪئي آهي ته معاملي جي مڪمل رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي.

معلوم ٿيو آهي ته، شاگردياڻين جي والدين سپريم ڪورٽ کي خط ۾ اهو به چيو ويو هو ته، سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت شاگردن جي ڪجهه ٽولين، شاگرد تنظيمن ۽ ڪجهه ٻين ماڻهن جي دٻاءَ ۾ آهي، جنهن ڪري شڪايتن جي باوجود ڪو به تدارڪ نه پيو ڪري.

ان سلسلي ۾ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت هڪ نجي ٽي چئنل (سنڌي نه) سان ڳالهائيندي چيو ته، شاگردياڻين کي تنگ ڪرڻ ۾ ڪجهه ٻاهريان ماڻهو ملوث آهن، جن کي سنڌ يونيورسٽي جي اندران به مدد حاصل آهي. سنڌ يونيورسٽي جي وي سي اهو به چيو ته يونيورسٽي جي انگريزي شعبي جي هڪ استادياڻي به ان معاملي ۾ ملوث آهي. وائيس چانسلر جي اهڙي بيان ۾ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته؛ هڪ وي سي کي سڀ خبر آهي، ان باوجود شاگردياڻين جي والدين پاران بار بار شڪايتن سبب جو ڪو به تدارڪ نه ڪيو ويو ۽ هاڻي سپريم ڪورٽ جي نوٽيس وٺڻ بعد اها ڳالهه ڪئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *