Thursday , March 28 2024

سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻي نائلا رند کانپوءِ آصفه ڊينٽل ڪاليج لاڙڪاڻي جي نمرتا جو موت

سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻي نائلا رند کانپوءِ آصفه ڊينٽل ڪاليج لاڙڪاڻي جي نمرتا جو موت، وارثن قتل جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻو (رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ يونيورسٽي جي هاسٽل مان شاگردياڻي نائلا رند جي لاش ملڻ ۽ پراسرار موت کانپوءِ لاڙڪاڻو جي آصفا ڊينٽل ڪاليج جي هاسٽل مان گهجوٽڪي واسڻ فائينل ايئر جي شاگردياڻي نمرتا جو لاش مليو آهي، هڪ پاسي نمرتا جي وارثن سندس موت کي قتل قرار ڏيندي اڻڌري جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي ته ٻئي پاسي شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڪنهن به جاچ کان اڳ آپگهات هجڻ جي دعويٰ ڪري ڇيڏ آهي.

آصفا ڊينٽل ڪاليج جي گرلز هاسٽل مان فائينل ايئر جي شاگردياڻي نمرتا جو هاسٽل جي روم نمبر ٽي مان لاش ملڻ وارو معاملو ان وقت نئون رخ اختيار ڪري ويو جڏهن سندس ڀاءُ ڊاڪٽر وشال ڪراچي مان لاڙڪاڻي پهچي چيو ته، سندس ڀيڻ جي جسم تي تشدد جا نشان موجود آهن، جن جي هن وڊيو رڪارڊ ڪئي آهي، نمرتا آپگهات نه ٿي ڪري، هن کي قتل ڪيو ويو آهي، هن دٻيل لفظن ۾ نمرتا جي قتل جو اللزام يونيورسٽي جي انتظاميا تي مڙهيندي معاملي جي  جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو. ڊاڪٽر وشال ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته، اصل معاملي کي لڪايو پيو وڃي، نمرتا سئو رپيا گهرندي هئي ته کيس هزار رپيا ملندا هئا، هزار گهرندي هئي ته لک ملندا هئس، مطلب جنهن کي ڪا به تڪليف يا پريشاني نه هجي، اها ڇوڪري آپگهات ڪيئن ٿي ڪري سگهي. هن مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي حقيقت سامهون آندي وڃي ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته ادارن ۾ شاگردياڻين کي هيسايو ويندو آهي، هن معاملي جي اڻڌري جاچ ڪرائي کين انصاف ڏياريو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *