Friday , April 19 2024

سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۾ ڪرپشن، پلي بارگين لاءِ مهلت

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ ڪرپشن ڪيس ۾ نيب کي پلي بارگين بابت جواب داخل ڪرڻ لاءِ ٽن هفتن جي مهلت ڏيندي ٻڌڻي 2 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۾  ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. اڳوڻو سيڪريٽري ليبر ناصر حيات، علي شير ميراڻي ۽ زبير موتيوالا سميت ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. نيب عدالت کي آگاهه ڪيو ته ٽن جوابدارن پلي بارگين لاءَ درخواست ڪئي آهي، ان بابت نيب چيئرمين جي جواب جو انتظار آهي. عدالت ٻيهر نيب کي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ ٽن هفتن جي مهلت ڏيندي ٻڌڻي 2 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. نيب چيو ته جوابدارن گڏاپ ٽائون ۾ سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي 28 ايڪڙ زمين غيرقانوني طريقي سان الاٽ ڪئي آهي. نيب چيو ته جوابدارن خلاف ريفرنس احتساب عدالت ۾ داخل ڪيو ويو، جوابدارن قومي خزاني کي 34 ڪروڙ روپين جو نقصان پهچايو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *