Friday , April 19 2024

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڄام خان شورو جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ڇڏي

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) نيب پاران ڪرپشڻ الزامن هيٺ ڄام خان شوري جي ضمانت واري درخواست منظور ٿي وئي آهي. ڄام خان شوري پنهنجي وڪيل معرفت سنڌ هاءِ ڪلورٽ ۾ ضمانت واري درخواست جمع ڪرائي ان سان گڏ تڪڙي ٻڌڻي لاءِ به درخواست جمع ڪرائي، جيڪا منظور ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت واري درخواست جي شنوائي ٿي. ڄام خان شوري موقف اختيار ڪيو ته، نيب ڪرپشڻ جي الزامن هيٺ کيس گرفتار ڪرڻ جا وارنٽس جاري ڪري ڇڏيا آهن ۽ نيب اختياريون ڪنهن وقت به کيس گرفتار ڪري سگهن ٿيون. درخواستگذار جو موقف هو ته هُو نيب جي الزامن کي لاڳاپيل عدالت ۽ نيب ڪيسز کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ان لاءِ هو قانوني طريقو اختيار ڪرڻ خاطر نيب توڙي احتساب عدالت ۾ پيبه پيش ٿيڻ چاهي ٿو، ان لاءِ کيس حفاظتي ضمانت ڏني وڃي جيئن گرفتاري کان بچي سگهي ۽ ڪيسن کي منهن ڏئي سگهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڄام خان شورو جي درخواست منظور ڪندي کيس 10 لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ عيوض حفاظتي ضمانت منظور ڪري ڇڏي، هاءِ ڪورٽ ڄام خان شوري کي هدايت ڪئي ته هُو لاڳاپيل عدالت سان رابطو ڪري ايستائين نيب کيس گرفتار نه ڪندي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *