Wednesday , April 24 2024

سنڌ سرڪار پاران سنڌ گيمز جو اعلان، سمورا ايوينٽ ڪراچي ۾ ٿيندا

    ڊاڪٽر نياز عباسي-سيڪريٽري اسپورٽس        

ڪراچي (سنڌ سماءَ چار نيوز)  پنج سالن کانپوءِ نيٺ سنڌ سرڪار کي سنڌ ۾ رانديون ڪرائڻ جو خيال اچي ويو آهي، سنڌ جي راندين واري کاتي جي صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر بردان کاتي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر نياز عباسي پريس ڪانفرنس ڪري سنڌ گيمز جو اعلان ڪيو آهي. سيڪريٽري چيو ته سترهين سنڌ گيمز جا سمورا ايوينٽ ڪراچي ۾ ئي ٿيندا، ڪو به ايوينٽ ڪنهن به ٻئي شهر ۾ نه ٿيندو. ان کان اڳ 2012 ۾ ٿيل 61 هين سنڌ گيمز حيدر آباد ۾ ٿيون هيون. سنڌ گيمز راندين جي حوالي سان سنڌ جي تاريخ جو سڀ کان وڏي ايونٽ هوندو آهي،جنهن ۾ سنڌ جي سمورن ڊويزنز جا ايٿليٽس جن ۾ مرد توڙي عورت ايٿيلٽس جو هڪ وڏو انگ شرڪت ڪندو آهي، پر بدقسمي آهي ته هڪ وڏي عرصي بعد سنڌ گيمز ٿي رهيون آهن.  موجود حڪومت هڪ ڀيرو به ايونٽ منعقد ڪرائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي ۽ گذريل سال چار ڀيرا سنڌ گميز منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو پر ان تي عمل نه ٿيو ۽ مختلف ڪارڻ ڄاڻائيندي اعلانيل سنڌ گيميز خاموشي ۾ ئي ملتوي ٿينديون رهيون. سنڌ ۾عورتن جي راندين جا ميدان ۽ ايونٽس نه ٿيڻ جو جواب ڏيندي سيڪريٽري اسپورٽس چيو ته، سنڌ جي ٻين شهرن ۾ عورتن جي لاءِ ايٿليٽڪس جا مقابلا ڪرائڻ لاءِ ماحول سازگار ناهي. سيڪريٽري نياز عباسي پريس ڪانفرنس ڪندي سن ڌ گيمز جو شيڊيول پڌرو ڪندي چيو ته، سنڌ گيمز 2018 جي افتتاحي تقريب 28 هين مارچ تي ٿيندي ۽ گيمز جا ايونٽس 28، 29، 30 ۽ 31 مارچ تي پي ايس پي ڪوچنگ سينٽر ۾ ٿيندا.

نياز علي عباسي چيو ته سنڌ گيمز جا ايونٽس 28، 29، 30 ۽ 31 مارچ تي منعقد ڪيا ويندا، جنهن کي پهريان جيان ڪامياب بڻايو ويندو. هن وڌيڪ چيوته ايونٽ ۾شرڪت ڪندڙ کي صدر ۾ بهترين هوٽلز ۾ رهائش ڏني ويندي، رانديگرن جي لاءِ رهائش سميت ٻين سهولتن جو به بندوبست ڪيو ويو آهي. ماضي ۾ اسپورٽس جي مقابلن ۾ تمام گهڻي ڪرپشن ٿيڻ واري سوال جو جواب ڏيندي ته نياز عباسي چيو ته، مان سڀني کي چئلينج ڪيان ٿو ايونٽ ۾ ڪرپشن ثابت ڪري ڏيکاريو. گذريل سال بيچ گيمز منعقد ٿيون، جيڪو صرف ٽي ڏينهن رهيو،جنهن ۾ نه سنڌ اولمپڪس ايسوسيئشن ۽ نه ئي پاڪستان اولمڪس ايسوسيئسن جي سنڌ حڪومت سان گڏ هئي اهي پيئسه به سنڌ جي ماڻهن هئا انهن جو حساب ڪنهن نه ڏنو ويو آهي. ڊاڪٽر نياز عباسي چيو ته ماضي جي ڪنهن به سيڪريٽري ۾ همٿ نه هئي جو هو سنڌ گيمز منعقد ڪرائي سگهي پر هن اها همٿ ڪئي آهي، ان لاءِ تنقيد ڪرڻ بدران سهڪار ڪري هن قدم کي ساراهيو وڃي. سنڌ گيمز جي افتتاحي تقريب 28 مارچ تي پي ايس پي ڪوچنگ سينٽر ۾ منعقد ٿيندي ۽ ساڳي ئي گرائونڊ تي31 مارچ تي منعقد ڪئي ويندي، جنهن ۾ مردن جا 30 ۽ عورتن جا 17 مقابلا منعقد ڪيا ويندا. سنڌ گيمز ۾ حيدر آباد، ميرپورخاص، لاڙڪاڻو، سکر، بينظير آباد ۽ ميزبان ڪراچي جا رانديگر ايڪشن ۾ نظر ايندا.

ايونٽ ۾ هر ڊويزن مان 242 مرد ۽ 142 عورت رانديگرياڻين جا دستا شامل هوندا. مردن جي 30 ايونٽ ۾ 1هزار 452 رانديگر، جڏهن ته 264 آفيشلز ۽ 219 ٽيڪنيڪل آفيشلز شرڪت ڪندا. عورتن جي 17 مقابلن ۾ 852 رانديگرياڻيون، 156 آفيشلز ۽ 58 ٽيڪنيڪل آفيشلز حصو وٺندا. ايونٽ ۾ ايٿليٽڪس، بيڊمينٽن، باسڪيٽ بال، فٽ بال، هاڪي، نيٽ بال، جمناسٽڪ، اسڪواش، ٽيبل ٽينس، ڪوڏي ڪوڏي، ونجهه وٽي، باڪسنگ ۽ ملهه جا مقابلا منعقد ڪيا ويندا. سنڏ جي رانديگرن جو مسئلو صرف سنڌ گيمز نه آهي، پر سنڌ جي هر ضلعي هيڊڪوارٽر ۾ سهولتن سان ڀرپور اسٽيڊيمز هجن،جن ۾ ڪوبه هڪ يا ٻه ڏينهن عورتن لاءِ مخصوص هجڻ گهرجن باقي ماضي ۾ 16سنڌ گيمز ٿي چڪيون آهن ۽17هين سنڌ گيمز ۾ جيڪڏهن ٿيون ته ٿي وينديون ۽يادون ڇڏي وينديون ، پر جيڪڏهن ايونٽ ۾ سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ايٿليٽس کي ڪارڪردگي جومظاهرو ڪرڻ تي نوڪريون نه ڏنيون وينديون ان وقت تائين اهي سمورا رانديگر ايونٽ ۾ صرف ڪٽس وٺي پڪنڪ ڪري وري واپس گهرن ڏاينهن ويندا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *