Saturday , April 20 2024

سنڌ حڪومت ۾ شامل ٿيو، پيپلزپارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر ايم ڪيو ايم وٽ پهچي وئي

خواهش آهي ته ايم ڪيو ايم اسان کي ڀاڪر ۾ ڀري وٺي ۽ سنڌ حڪومت ۾ شامل ٿي وڃي:پيپلزپارٽي

ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلزپارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر متحدا قومي موومينٽ وٽ پهچي وئي، تاج حيدر ۽ سعيد غني جي اڳواڻي ۾ ايم ڪيو ايم جي مرڪز پهچي متحدا کي سنڌ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي. سنڌ جي حڪمران جماعت ۽ اپوزيشن جي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽ موومينٽ جي اهم اتحادي پارٽي پاڪستان پيپلزپارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر ايم ڪيو ايم پاڪستان ڏانهن دوستري جو هٿ وڌائي ڇڏي آهي. پيپلزپارٽي جي سينئير اڳواڻ ۽ پ پ پ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري تاج حيدر، صوبائي وزير سعيد غني ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب جي اڳواڻي ۾ وفد متحده پاڪستان جي بهادر آباد مرڪز پهچي متحده پاسڪتان جي اڳواڻن خواجه اظهار الحسن، فيصل سبزواري، جاويد حنيف ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران پ پ اڳواڻن ايم ڪي ايم کي سنڌ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني، ملاقات دوران ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي ۽ متحده وفد وچ ۾ آدمشماري سميت صوبي جي مسئلن تي ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.

ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پ پ جو ٻيٽن، ميڊيڪل ۾ داخلائن ۽ گذريل آدمشماري جي معاملن تي ساڳيو ئي موقف آهي، تاج حيدر چيو ته ڪراچي ۾ ٽئين ڌُر کي مڙهيو ويو آهي، ڇهين آدمشماري ۾ سنڌ جي هڪ ڪروڙ چاليهه لک آبادي گهٽ ڏيکاري وئي، ٻيٽن جي مامري تي پ پ ۽ متحده جو موقف ساڳيو آهي، متحده اڳواڻ فيصل سبزواري چيو آهي ته پ پ سان ملاقات دوران عوام جا مسئلا حل ڪرڻ تي ڳالهيون ٿيون، اُميد ته عدالت سوڌو ٻين فورمز تي آدمشماري جي نتيجن خلاف ويڙهه ۾ پيپلز پارٽي اسان جو ساٿ ڏين، وڏي وزير مراد علي شاهه کي آدمشماري وارو مسئلو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اٿارڻ گهرجي.

پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻن استعيفائن جي مخالفت ڪري ڇڏي

لمس ڄامشورو ۾500 کان وڌيڪ ملازمن جي غيرقانوني ڀرتي ڪرڻ جو انڪشاف،پرو-وي سي تي پارٽ ٽائيم دوران پي ايڇ ڊي جو الزام

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *