Thursday , March 28 2024

سنڌ حڪومت کيرٿر جبل ۾ تيل جي ڳولا لاءِ اجازت ڏئي ڇڏي

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت قدرتي سونهن ۽ تاريخي ورثي ڪارونجهر مان قيمتي پٿر جي کوٽائي جي ليز ڏيڻ کانپوءِ کيرٿر جبل واري علائقي ۾ تيل جي ڳولا لاءِ اجازت ڏئي ڇڏي، ذريعن جو چوڻ آهي ته گئس ۽ تيل جي ڳولاءِ جي اجازت اٽڪ آئل ڪمپني کي ڏني وئي آهي، اجازت نامي ۾ معمولي قسم جا شرط لاڳو ڪيا ويا آهن.

سنڌ حڪومت صوبي جي ٻين علائقن جيان قدرتي سونهن، جهنگلي جيوت جي سڀ کان وڏي پناهگاهه، قيمتي ۽ اڻلڀ جانورن واري جابلو علائقي کيرٿر رينجز ۾ تيل ۽ گئس جا ذخيرا ڳولڻ لاءِ ڊرلنگ ۽ ننڍا ڌماڪا ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي وزيراعليٰ هائوس جي اعتماد جوڳن ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق؛ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجا اختيار استعمال ڪندي، پاڪستان ۾ تيل ۽ گئس جي شعبي سان لاڳاپيل هڪ وڏي ڪمپني، ” اٽڪ آئل ڪمپني “ جي ماتحت ڪم ڪندڙ، ” آئل فيلڊس لميٽيڊ “ ڪمپني کي اجازت ڏني آهي ته اُها ”کيرٿر نيشنل پارڪ ايريا“ ۾ تيل ۽ گئس جا ذخيرا ڳولي سگهي ٿي.

اٽڪ آئل ڪمپني / آئل فيلڊس لميٽيڊ، ڪمپني تيل ۽ گئس جا ذخيرا ڳولڻ لاءِ کيرٿر نيشنل پارڪ ايريا ۾ ڊرلنگ ۽ ننڍا ڌماڪا به ڪري سگهي ٿي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل سيپٽمبر مهيني جي آخري هفتي ۾ جاري ڪيل اهڙي اجازت نامي جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب عوامي ردعمل ۽ ماحوليات توڙي جهنگلي  جيوت جي تحفظ وارن ادارن جي مخالفت کان بچڻ لاءِ ان سڄي معاملي کي ڳجهو رکيو ويو آهي.

ان سلسلي ۾ جڏهن سنڌسماءَچار پاران سنڌ جي مائينز اينڊ منرلز کاتي ۽ جهنگلي جيوت کاتي جي اختيارين  سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته لاڳاپيل عملدارن ڪجهه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. مائينز اينڊ منرلز کاتي جي هڪ آفيسر  جو چوڻ هو ته کيرٿر جبلن جي سلسلي تي سنڌ جو تاريخي، قديمي ۽ قومي ورثو قرار ڏنل قلعو رني ڪوٽ به ان ئي ايريا ۾ آهي، تيل ڪمپنين پاران تيل جي ڳولا دوران ڊرلنگ ۽ ڌماڪا ڪرڻ سان ان کي به نقصان جو خدشو آهي.

کيرٿر نيشنل پارڪ ايريا توڙي کيرٿر جابلو سلسلو جهنگلي جيوت جو قدرتي محفوظ ٿاڪ آهي، جتي سرهه، گڊ، هرڻن سميت ٻيا به ڪيترائي جانور توڙي  پکي به پنهنجو محفوظ پناهگاهه سمجهي رهن ٿا، جتي آئل ڪمپني جي ڊرلنگ ۽ ڌماڪن سان جهنگلي جيوت، ماحوليات ۽ قدرتي سونهن سخت متاثر ٿي سگهي ٿي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *