Friday , March 29 2024

سنڌ حڪومت پاران قبضا مافيا بحريا ٽائون کي تحفظ ڏيڻ جي منظوري

ڪراچي(رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) سنڌ جي قديمي ڳوٺن ۽ سرڪاري زمينن تي قبضا ڪري والار ڪندڙ بحرياٽائون خلاف ڪارروائي بدران تحفظ ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، بحريا ٽائون جي والار خلاف 6جون واري ڌرڻي جي رستا روڪ لاءِ ذميواريون ايڊيشنل آءِ جي ايسٽ زون حوالي ڪيون ويون آحن. ملير جي قديمي ڳوٺن تي بحريا ٽائون جي والار خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي آچر 6جون آچر ڏينهن (سڀاڻي) اعلانيل احتجاجي ڌرڻي کي روڪڻ ۽ ناڪام بڻائڻ لاءِ سنڌ حڪومت حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي.

بحرياٽائون جي مک دروازي آڏو ڌرڻو لڳائڻ کان روڪڻ لاءِ سنڌ حڪومت آءِ جي سنڌ کي هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن، وڏي وزير مراد علي شاهه، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر، گهرو کاتي جي سيڪريٽري جي هدايتن کانپوءِ ڪراچي ايسٽ زون جي ايڊيشنل آءِ جي ثاقب اسماعيل ميمڻ بحرياٽائون ۽ ڊي ايڇ اي سٽي جي والار خلاف خلاف ڌرڻي جي رستا روڪ لاءِ پلاننگ جوڙي ڇڏي آهي، جنهن لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪري وڏي تعداد ۾ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. ايڊيشنل آءِ جي ايسٽ زون ثاقب اسماعيل ميمڻ پاران جاري ڪيل هڪ نوٽيفڪيشن ۾ پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي جن ۾ ڪمانڊوز به شامل آهن، پوليس اهلڪارن کي رٻڙ جون گوليون، ڳوڙها آڻيندڙ گئس سميت مختلف قسمن جا هٿيار به مهيا ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ايڊيشنل آءِ جيءَ جِي هدايتن کانپوءِ پوليس اهلڪارن مقررين جو عمل به جاري آهي. ان سلسلي ۾ پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته بحرياٽائون خلاف ڌرڻي کي روڪڻ لاءِ يونيفارم ۾ اڪثريت سنڌي پوليس اهلڪارن جي هوندي پر انهن سان گڏ سول ڊريس ۾ غير سنڌي پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي.

فيض گنج ۾ پاڻي چوري ڪرڻ لاءِ پيپلزپارٽي ۽ جي ڊي اي اڳواڻن جو اتحاد

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *