Thursday , March 28 2024

سنڌ حڪومت وٽ رات جو اڏام ڪرڻ وارا هيليڪاپٽر نه آهن: مراد علي شاهه

MURAD SHAHA Merlin Crew practice night flying with under slung loads during Exercise Desert Vortex Personel from RAF Odiham and RAF Benson take part in Exercise Desert Vortex at Al Jafr Airbase in Jordan. The exercise took place through out the month of May.  The Aim of the exercise was to train in Desert Conditions which provides challanges such as the heat, and landing in sandy condotions. RAF Chinook and Merlin helicopters where used during the exercise. The Chinooks were flown by 18 Sqn from RAF Odiham, and the Merlins were flown  by 78 Sqn from Benson. Also taking part in the Exercise was ground staff from both Station including 18/27 (Eng) Sqn from Odiham and 78 Eng Sqn from Benson.   IWM CAT A

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه قلندر شهباز جي درگاهه تي ٿيل بم ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته درگاهه تي بم حملي بابت اڳواٽ ڪو به اطلاع نه هو، پهرين ترجيح زخمين کي علاج جي سهولت فراهم ڪرڻ آهي، امدادي ڪاررواين کي تيز ڪرڻ لاءِ پاڪ آرمي کان به مدد ورتي پئي وڃي. ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سيوهڻ ڌماڪي کانپوءِ سنڌ جي ٻين درگاهن جي به سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي ۽ سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. وڏي وزير چيو ته ريسڪيو ڪارروائين لاءِ آرمي کان مدد ورتي پئي وڃي، جڏهن ته پاڪ آرمي کان اونڌهه ۾ اڏام ڪندڙ هيلي ڪاپٽر پڻ ورتا ويا آهن، جن وسيلي زخمين کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته سيوهڻ ڌماڪي بعد پوليس کي سنڌ ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي………. پاڪ فوج سيوهڻ ڌماڪي جي زخمين کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي، پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اسان پنهنجي ملڪ جو دفاع ۽ جوابي ڪارروائي ڪنداسين. آءِ ايس پي آر موجب سيوهڻ ۾ درگاهه قلندر ۾ ٿيل ڌماڪي جي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج جي ٽيمن پاران ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي اونداه ۾ اڏام ڪندڙ هيلي ڪاپٽرن وسيلي ڌماڪي جي زخمين کي مختلف شهرن جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي. پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته دهشتگردي جا تازا واقعا دشمن قوتن ۽ افغانستان ۾ موجود دهشتگردن پاران ڪرايا پيا وڃن. ترجمان موجب پاڪ فوج پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪندي ۽ ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪندي.

Night helecopter1

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *