Friday , March 29 2024

سنڌ حڪومت لاڪ ڊائون تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام، ڪرونا جا 287 نوان ڪيس ظاهر

سنڌ ۾ ڪرونا رڪجي نه سگهيو، مريضن جو انگ 4 هزار 232 ٿي ويو، 287 نوان ڪيس به ظاهر

ڪراچي( چيف رپورٽر  سنڌ سماچار) سنڌ ۾ سنڌ حڪومت لاڪ ڊائون لاءِ جاري ڪيل پنهنجي ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿيندي نظر اچي رهي آهي، سنڌ ۾ ڪرونا وائرس به تيزي سان وڌي رهيو آحي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 287 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته، ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ ڪوششُن ڪيون پيون وڃن، ان لاءِ شڪي مريضن جي ٽيسٽنگ وارو عمل جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 هزار 599 ماڻهنن جون ٽيسٽ رپورٽس مليون آهن جن مان 287 پازيٽو آيون آهن، جنهن بعد سنڌ ۾ ڪرونا وائرس ۾ مبتلا مريضن جو مجموعي انگ وڌي، 4 هزار 232 ٿي ويو آهي، اڄ وڌي 3 مريض زندگي جي جنگ هارائي ويا آهن، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 78 ٿي ويو آحي. وڏي وزير پنهنجي وڊيو پريس ڪانفرنس ۾ ڪرونا وائرس بابت تفصيل ٻڌائيندي چيو ته، 3 هزار 352 ماڻهن جو علاج هلندڙ آهي، جن مان 2 هزار 146 ماڻهن کي سندن ئي گهرن ۾ آئسوليٽ ڪري نگراني ڪئي پئي وڃي، جيڪي اسپتالن ۾ آحن انهن مان 767 مريض مختلف آئسوليشن سينٽرز ۽ 439 مختلف اسپتالن ۾ داخل آهن، وڏي وزير جو چوڻ هو ته، ڪراچي ۾ ڏکڻ ضلعي ۾ مريضن جو انگ وڌيڪ آهي ۽ اهو ئي وڌيڪ متاثر آهي، جتي 287 مريضن مان 79 ڪيس ظاهر ظاهر ٿيا آهن، ڪراچي سينٽرل ۾ 32، اولهه ۾18، ملير ۾ 8، ڪورنگي ضلعي ۾ 17 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، ان طرح جيڪڏهن ڏسجي ته ڪراچي ڊويزن سن ڌ جي ٻين ڊويزنن کان وڌيڪ متاثر ٿي رهي آهي. وڏي وزير چيو ته ڪراچي کانسواءِ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ لاڙڪاڻي ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثرن جي تصديق ٿي رهي آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران آيل رپورٽس ۾ لاڙڪاڻي شهر ۾ 17 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آحن، حيدر آباد ۾ 13، شڪارپور ۾ 11، سکر ۾ 7 ڄڻن کي ڪرونا هجڻ جي تصديق ٿي آهي. وڊيو بيان ۾ وڏي وزير چيو ته،  عوام کي هڪ ڀيرو ٻيهر اپيل ڪيون ٿا ته اهي گهرن ۾ ئي رهن ۽ بنا ضرورت جي گهرن کان نه نڪرن ان ۾ ئي سندن ۽ سندن گهرڀاتين جو خير آهي، ان سان گڏ اهي پنه ن جي  اوڙي پاڙي ۽ واسطيدار ماڻهن کي به بچائي سگهن ٿا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *