Tuesday , April 23 2024

سنڌ حڪومت سنڌ ۾ بدامني هئڻ جو اعتراف

ڪراچي (رپورٽر  سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت سنڌ ۾ ڏوهن ۽ بدامني ۾ اضافو ٿيڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي. سُڌ سماءَ واري وزير وزير سعيد غني چيو آهي ته امن امان واري صورتحال ۾ رڳو هڪ صوبي يا شهر کي نشانو نه بڻائڻ گهرجي، سنڌ سوڌو سموري ملڪ ۾ ڏوهن تي ڪنٽرول جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪراچي شهر سوڌو سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڏوهن ۾ اضاف ٿي رهيو آهي، جيڪا ڳڻتي  جوڳي ڳالهه آهي، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿي ويل صحافي اطهر متين جي جنازي نماز کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته اطهر متين جي قاتلن کي ضرور پڪڙيو ويندو، ڪنهن به انسان جي قيمت نه ٿي ٿهي سگهي پر سنڌ حڪومت جي ڪوشش هوندي ته اطهر متين جي وارثن ۽ اولاد جي ايتري مدد ڪنداسين جو انهن جي زندگي جو گاڏو هلي سگهي. سعيد غني مقتول صحافي جي جنازي نماز ۾ شرڪت بعد ميڊيا سان ڳالهئيندي پوليس ۾ ڪاريون رڍون ٿي سگهن ٿيون پر سڄي پوليس کي خراب نٿو چئي سگهجي، ڏوهن ۾ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف ايڪشن کڻنداسين

هن چيو ته پوليس جي ڀرتين ۽ مقررين ۾ سياسي مداخلت ناهي ٿيندي، ڪراچي ۾ قدم کڻڻ باوجود ڏوهن ۾ گهٽتائي نه آئي آهي. سعيد غني جو چوڻ هو ته شهر ۾منشيات واپرائيندڙن جو به انگ وڌي ويو، ڪجهه ڏوهارين جا گروپ ٻين صوبن مان به ايندا آهن، سنڌ ۾ ڪيترين ئي دهشتگرد ڪارروائين جا پيرا بلوچستان ويا، اسان جي ڪوشش آهي ته پنهنجي صوبي ۾ ڏوهن تي ضابطو آڻيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *