Friday , March 29 2024

سنڌ حڪومت سبسڊي نجي پاور ڪمپنين کي ڏيندي يا انور مجيد آرائين کي؟ معاملي تي سنڌ اسيمبلي ۾ هُل مچي ويو

Nasir Shah sukuuerKHurram sher

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ڳالهائيندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبر خرم شير زمان صوبي ۾ نجي پاور ڪمپنين کي سبسڊي ڏيڻ واري بل جي مخالفت ڪندي چيو ته، بجلي جا اگهه مقر ڪرڻ وفاق جو ڪم آهي، نجي ڪمپني کي سبسڊي ڏيڻ سان عوام کي فائدو نه پوندو. خرم شير زمان سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ڳالهائيندي سنڌ ۾ نجي پاور ڪمپنين کي سبسڊي ڏيڻ وارو بل آڻڻ سان عوام کي ڪو به فائدو نه پوندو. صوبي ۾ قائم ٿيندڙ نجي پاور ڪمپنين کي سبسڊي ڏيڻ واري بل جي تحريڪ انصاف سميت ڪا به پارٽي حمايت نه ڪندي، ڇو ته اهو بل عوامي مفاد ۾ هرگز نه آهي.

خرم شير زمان چيو ته اسان کي خبر نه ٿي پوي ته نجي پاور ڪمپنين کي سبسڊي ڏئي سنڌ حڪومت عوام کي فائدو ڏيڻ چاهي ٿي يا انور مجيد آرائين ۽ سندس دوستن جي ڪمپنين کي فائدو پهچائڻ لاءِ هي قانون آندو پيو وڃي.

خرم شير زمان جي اهڙي موقف تي سنڌ اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جي ميمبرن هُل مچائي ڏنو، صوبائي وزير ناصر شاھ چيو ته اسان سنڌ جا مسئلا حل ڪرڻ چاهيون ٿا جيڪا ڳالهه مخالفن کي نه ٿي وڻي. انهن خوف آهي ته عوام ڪارڪردگي ڏسي پيپلز پارٽي کي وڌيڪ موٽ ڏئي رهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *