Friday , March 29 2024

سنڌ حڪومت جي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ڪردار سواليه بڻائي ڇڏيو

ڪراچي ( رپورٽر سنڌ سماءَ چار ) پ پ جي سنڌ حڪومت نوجوانن جي اميد جو آخري سهارو بڻيل سنڌ پبلڪ سورس ڪميشن جي ڪارڪردگيءَ تي سواليا نشان لڳائي ڇڏيو آهي، سپريم ڪورٽ پاران سول سروسز لاءِ نااهل قرار ڏنل سيد عابد علي شاهه ۽ ڪرپشن ڪيس کي منهن ڏيندڙ اڳوڻي چيف سيڪريٽري محمد صديق ميمڻ کي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ مقررين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي ڪرپشن الزام هيٺ آيل اڳوڻي چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ ۽ سول سروسز لاءِ نااهل قرار ڏنل عابد علي شاهه کي ڪميشن جو ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي. سنڌ سرڪار پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اڳوڻو چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ ۽ عابد علي شاهه کي 5-5 سالن لاءِ ايس پي ايس سي جو ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي.

اڳوڻي چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ خلاف زمينن جي غيرقانوني الاٽمينٽ ۽ ڪرپشن الزامن جي نيب پاران جاچ جاري آهي. صديق ميمڻ ڪرپشن ڪيس ۾ ضمانت تي آهي. ايس پي ايس سي جي 5 سالن مقرر ڪيل ٻيو ميمبر سيد عابد لي شاهه سپريم ڪورٽ جي هڪ فيصلي ۾ کيس سول سروسز لاءِ نااهل قرار ڏنل آهي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر مقرر ٿيل عابد علي شاهه، وڏي وزير جي ڀيڻيوي مهدي شاهه جو ڀاءُ آهي. سپريم ڪورٽ 8 مهينا اڳ ڪيمشن جي چيئرمين ۽ 6 ميمبرن جي مقرري کي غيرقانوني قرار ڏيندي فيصلو ڏنو هو ته اهڙن عهدن تي ماضي ۾ بي داغ رهيل ماڻهن کي ئي مقرر ڪري سگهجي ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *