Friday , March 29 2024

سنڌ حڪومت پاران بُنڊار سان گڏ ڏنگي ٻيٽ تي به منصوبن ۾ وفاق سان سهڪار جو اعلان

بُنڊار ۽ ڏنگي ٻيٽن تي منصوبن ۾ وفاقي حڪومت سان سهڪار ڪنداسين: صوبائي وزير ناصر شاهه

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) سنڌ سرڪار پاران سنڌ جي سامونڊي ٻيٽ بُنڊار ٻيٽ وفاقي حڪومت حوالي ڪرڻ تي راضپو ظاهري ڪندي وفاقي حڪومت سان سهڪار جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت عوامي ترقي ۽ ڀلائي چاهي ٿي، ٻيٽن تي شروع ٿيندڙ منصوبن ۾ وفاق سان سهڪار ڪنداسين.تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت پاران سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي قبضا ڪري پرويز مشرف دور ۾ ختم ٿي ويل منصوبا ٻيهر شروع ڪرڻ جون تياريون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آهن، سنڌ حڪومت به وفاق سان مڪمل سهڪار جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر شاهه ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڪيل ڳالهه ٻولهه دوران صحافين جي پڇيل سوالن جي جواب ۾ چيو ته سنڌ حڪومت عوام جي ترقي ۽ بهتري چاهي ٿي، عوام جي ڀلائي وارن منصوبا ۽ ترقي ٿيڻ گهرجي، بُنڊار ۽ ڏنگي ٻيٽن تي ترقياتي منصوبن ۾ وفاقي حڪومت سان سهڪار ڪنداسين.

ان سلسلي ۾ سنڌ جي پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي ۽ بورڊ آف روينيو جي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، وفاقي حڪومت جي هڪ بااثر شخصيت وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان رابطي آهي، جنهن سان مختلف معاملن تي ڳالهيون هلندڙ آهن. مليل ڄاڻ مطابق، سنڌ حڪومت اين او سي جاري ڪرڻ کان اڳ ٻيٽن تي رهندڙ ماڻهن جي مڪمل سيٽلمينٽ کانسواءِ معاوضن ڏيڻ لاءِ ڪجهه شرط رکڻ تي به ڳالهيون هلندڙ آحن، جيڪي اڃا تاين صرف زباني ڳالهيون آحن، ان بابت ڪو به لکت ۾ نه ته وفاق سنڌ کي ليٽر لکيو آحي ۽ نه ئي سنڌ حڪومت پاران ڪو اهڙُ خط لکيو ويو آهي. بورڊ آف روينيو جي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، ان سلسلي ۾ ايندڙ جمعي تائين يا 30هين آڪٽوبر تائين وفاقي سرڪار پاران لکپڙهه طور ڪو خط سنڌ حڪومت کي لکيو وڃي. ذريعن سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ان سلسلي ۾ بورڊ آف روينيو جي هڪ رٽائرڊ ڪاموري سان صلاح مشورا ڪندو رهيو آهي، جيئن ئي وفاقي حڪومت پاران ڪا به لکپڙهه ٿي ته ان ئي ڪاموري جي صلاح مشُرن سان وفاق سان جوابي لکپڙهه ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *