Friday , March 29 2024

سنڌ حڪومت اي ڊي خواجا کي هٽائي ڇڏيو_ چيف سيڪريٽري کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري

   AD majeed dasti1

سنڌ حڪومت نيٺ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي هٽائي سردار مجيد دستي کي نئون آءِ جي سنڌ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، اي ڊي خواجا پاران چارج نه ڇڏڻ ۽ نئين آءِ جي پاران چارج سنڀالڻ جي اڃا تائين پڪ نه ٿي سگهي آحي.

سنڌ حڪومت آءِ جي سنڌ الهڏنو خواجا جون خدمتون واپس وفاقي سرڪار جي حوالي ڪري ڇڏيون آهين، اهڙو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو.

اي ڊي خواجا جون خدمتون وفاق حوالي ڪري ڪرڻ وارو خط وفاقي سرڪاري کي اماڻي ڇڏيو هو.

سنڌ حڪومت پاران وفاقي سرڪار کي خط اماڻڻ بعد هڪ نوٽيفڪيشن جي ذريعي سردار مجيد دستي کي آءِ جي سنڌ مقرر ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

notification

آءِ جي سنڌ جي مقرري سنڌ حڪومت لاءِ نڙيءِ ۾ ڦاٿل مڇي جي ڪنڊي واري صورتحال اخگتيار ڪري ويو آهي. اي ڊي خواجا جي ويجهن ذريعن جو چوڻ آهي ته هُن عهدي جي چارج ڇڏڻ کان ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو آهي. ذريعن موجب اي ڊي خواجا جو چوڻ آهي ته، جيستائين کيس عهدي تان هٽائڻ بابت وفاقي سرڪار جو نوٽيفڪيشن نه ملندو ايستائين هُو عهدي جي چارج نه ڇڏيندو.

ٻي طرف سنڌ پوليس جي ترجمان پاران اجري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته، سردار عبدالمجيد دستي آءِ جي سنڌ جي عهدي جي چارج سنڀالي ورتي آهي.

ياد رهي ته ڪجهه مهينن کان اي ڊي خواجه جي آءِ جي سنڌ واري عهدي تي مقرر ٿيڻ واري مامري تي پ پ جي مرڪزي قيادت خاص طور تي آصف علي زرداري ۽ ايم اين اي فريال ٽالپر سخت ناراض هئا. اي ڊي خواجه کي ڪجهه عرصو اڳ جبري موڪل تي موڪلي مشتاق مهر کي وقتي آءِ جي سنڌ مقرر ڪيو ويو هو ۽ اي ڊي خواجه جي واپسي بعد هن چارج ڇڏي ڏني هئي.

اي ڊي خواجا کي جبري موڪل تي موڪلڻ بعد هڪ اين جي او سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني درخواست به داخل ڪرائي هئي، جنهن تي عدالت اي ڊي خواجا نه هٽائڻ ۽ ايندڙ حڪمن تائين سندس بدلي نه ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو هو.

notice1notice2

امجيد دستي جي آءِ جي مقرر ٿيڻ واري نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ بعد، ساڳئي،  اين جي او پاران سنڌ جي چيف سيڪريٽري نئين مقرر ڪيل آءِ جي سنڌ سردار عبدالمجيد دستي ۽ ٻين کي نوٽيسز جاري ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اي ڊي خواجا جي بدلي سنڌ هاءِ ڪورٽ ايندڙ حڪمن تائي روڪي ڇڏي هئي، اهڙي صورتحال ۾ کي بدلي ڪرڻ يا سندس خدمتون وفاق حوالي ڪرڻ توهين عدالت جي ذمري ۾ اچي ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *