Friday , March 29 2024

سنڌ حڪومت ايم ڪيو ايم جي هڪ ڌمڪي آڏو بيوس، مڪاني چونڊون ملتوي

ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت ايم ڪيو ايم جي ڌمڪي کانپوءِ ڪراچي، حيدر آباد ۾ 15 جنوري تي ٿيندڙ مڪاني چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون، سنڌ حڪومت ڳالهه رکڻ لا دادو ضلعي ۾ به اليڪشن ملتوي ڪري ڇڏي. ايم ڪيو ايم جي پريس ڪانفرنس کانپوءِ وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ان بعد پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ ٻه ڌار ڌار اجلاس ٿيا، جن ۾ ايم ڪيو ايم جي اليڪشن ملتوي ڪري تڪبنديون نئين سِري سان ڪرڻ واري مطالبي تي غور ڪيو ويو. ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، آصف زرداري جي هدايت تي پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد مان هنگامي طور تي ڪراچي پهتو، جتي وڏي وزير، سنڌ ڪابينا جي مخصوص ميمبرن ۽ ڪجهه وفاقي ادارن جي عملدارن  به شرڪت ڪئي. مليل ڄاڻ مطابق، آصف زرداري جي هدايت تي بلاول ڀٽو زرداري وڏي وزير مراد علي شاهه وفاقي حڪومت ۾ پ پ پ جي اتحادي ايم ڪيو ايم جو اليڪشن ملتوي ڪرڻ وارو مطالبو منظور ڪندي، ڪراچي ڊويزن، حيدر آباد ضلعي ۾ 15 جنوري تي رٿيل مڪاني چونڊوڳن ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو؛ ذريعن موجب دادو ضلعي ۾ مڪاني چونڊون فيس سيونگ لاءِ ملتوي ڪيون وين آهن.

ٻئي پاسي سُڌسماءَ واري وزير شرجيل ميمڻ رات دير جو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته، س ن ڌ حڪومت ڪراچي ۾ تڪبندين بابت جاري ڪيل نوٽيفڪيشن  واپس وٺي ڇڏيو آهي، هن چيو ته اجلاس ۾ انتهائي اهم معالن تي فيصلا ڪيا آهن، سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال سميت مختلف معالن تي غور ڪيو ويو ۽ انهن معاملن جي سلسلي  ۾ فيصلا به ڪيا ويا آهن. شرجيل ميمڻ چيو ته ب لاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ مڪاني چونڊن، ايم ڪيو ايم جي ڊي لميٽيشن تي خدشن جو جائزو ورتو ويو، هن چيو ته ايم ڪيو ايم کي ڊي لميٽيشن  تي ايم ڪيو ايم کي تمام گهڻا خدشا آهن، اسان چاهيون ٿا ته پنهنجي اتحادين جون شڪايتون ٻڌي سندن شڪايتون ختم ڪيون وڃن. هن چيو ته ڪراچي، حيدر آباد ۽ دادو ۾ اليڪشن نه ٿيندي، باقي سمورن ضلعن، بدين، ٺٽو، مٽياري، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ مڪاني چونڊون شيڊيول مطابق 15 جنوري تي ئي ٿينديون.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *