Friday , March 29 2024

سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي پنجاب جي پنج ضلعن جون بنجر زمينون آباد ڪرڻ جون تياريون

گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽو لاءِ ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ ڏيڍ سئو ملين امريڪي ڊالرز فنڊ مهيا ڪندي

لاهور ( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار ) پنجاب پاران سنڌ جي پاڻي تي هڪ وڌيڪ ڌاڙي جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن، پنجاب جي وڏي وزير تڪراري گريٽر ٿل ڪئنال-ٽو منصوبو جلد شروع ڪرڻ جون هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن. گذريل ڏينهن پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ پنجاب جي آبپاشي کاتي جي وزير سردار محسن لغاري، چيف سيڪريٽري پنجاب، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ پنجاب سميت لاڳاپيل اختيارين جي عملدارن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ڪمشنر سرگوڌا ۽ ڊپٽي ڪمشنر ليه روينيو ۽ آبپاشي کاتن جي لاڳاپيل عملدارن وڊيو لنڪ تي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا

پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار اجلاس دوران ڳالهائيندي چيو ته، گريٽر ٿل ڪئنال پروجيڪٽ ٽو کي هر حالت ۾ جلد کان جلد شروع ڪرڻو آهي، عثمان بوزدار چيو ته منصوبي سان پنجاب جي  ليه، بکر، جهنگ، مظفرآباد، ۽ خوشاب ضلعن جي لکين ايڪڙ بنجر پيل زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ منصوبو انتهائي ضروري آهي، جيڪو جلد کان جلد شروع ڪيو وڃي، ان لاءِ جيڪو به فنڊ گهرج ۾ هوندو ان جو بندوبست پنجاب حڪومت ڪندي، عثمان بوزدار چيو ته گريٽر ٿل ڪئنا_ٽو منصوبي جي تعمير لاءِ ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ ڏيڍ سئو ملين امريڪي ڊالرز پڻ مهيا ڪري رهي آهي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار پنجاب جي آبپاشي، ڪمشنر سرگوڌا، ڊي سي ليه، روينيو ۽ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتن جي اختيارين کي اها به هدايت ڪئي ته، گريٽر ٿل ڪئنال ٽو جَي منصوبي لاءِ زمينن جي سروي ۽ ڪئنال ۾ ايندڙ زمينن جي ويليو جو به تعين ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *