Thursday , March 28 2024

سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي حڪومت جي والار تحريڪ انصاف جا خاموش حمايتي ايم پي ايز

پي ٽي آءِ جي صرف شهريار خان شر ٻيٽن بابت ٺهراءَ جي مڪمل حمايت ڪئي، ايم پي ايز اسلم ابڙو، ڊاڪٽر سنجي گنگواڻي، سچانند لکواڻي سچل اجلاس ۾ شريڪ ئي نه ٿيا

حليم عادل شيخ ۽ دعا ڀٽو ٻيٽن بابت ٺهراءَ جي مخالفت ڪندي پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم جي ٻين ميمبرز سان گڏ اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري ويا

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي وفاقي حڪومت جي والار ۽ صدارتي آرڊيننس خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي 5 سنڌي ايم پي ايز  جا خاموش حمايتي بڻجي ويا آهن، سنڌ اسيمبلي جي اربع ڏينهن اجلاس ۾ ٻيٽن واري معاملي بابت صرف شهريار شر حمايت ڪئي، دعا ڀٽو واڪ آئوٽ ڪيو، ڪريم بخش گبول، اسلم ابڙو ۽ سچانند اجلاس ۾ ئي نه آيا. اربع 21آڪٽوبر تي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي حڪومت پاران ڪيل والار ۽ ٻيٽن بابت خودمختيار اٿارٽي جوڙي نوان شهر اڏڻ واري صدارتي آرڊيننس خلاف پيش ڪيل ٺهراءُ جي پي ٽي آءِ جي سنڌي ايم پي ايز به اڻسڌي طرح حمايت ڪئي.

ايوان ۾ جيئن ئي ٺهراءُ پيش ٿيو ته، ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف ان جي مخالفت ڪئي ۽ ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري هليا ويا، واڪ آئوٽ ڪندڙ بنيادي طور پراڻي نوابشاهه سان تعلق رکندڙ تحريڪ انصاف جي رکندڙ ۽ ڪراچي جي پي ايس 99 تان چونڊيل حليم عادل شيخ ۽ عورت ايم پي اي دعا ڀٽو ٻيٽن واري معاملي بابت ٺهراءَ جي مخالفت ڪندي ايوان مان ٻين پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن سان گڏ واڪ آئوٽ ڪيو.

سنڌ اسيمبلي  ۾ تحريڪ انصاف جي سنڌي ايم ايم پي ايز سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي حڪومت پاران ڪيل والار ۽ انهن تي شهر اڏڻ لاءِ صدارتي آرڊيننس جي سڌي ريت حمايت يا مخالفت ڪرڻ بدران سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ئي شرڪت نه ڪئي، جيڪب آباد جي پي ايس هڪ تان چونڊيل چونڊيل پي ٽي آءِ ايم پي اي محمد اسلم ابڙو. پي ٽي آءِ جي پي ايس 100 تان چونڊيل ايم پي اي ڪريم بخش گبول به اجلاس ۾ موجود هو جنهن ايم ڪيو ايم واران سان گڏ واڪ آئوٽ ڪيو. اقليتن جي مخصوص سيٽن تي ٿيل ايم پي ايز ڊاڪٽر سنجي گنگواڻي، سچانند لکواڻي سچل به اجلاس ۾ شريڪ ئي نه ٿيا.

اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ جڏهن انهن ايم پي ايز سان رابطو ڪري ڪارڻ معلوم ڪيو ويو ته، سچانند لکواڻي سنڌسماءَچار کي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو عذر ڄاڻائيندي چيو ته، کيس اجلاس جي خبر ئي نه هئي، ڪجهه ڏينهن کان اسلام آباد ۾ آهي، اجلاس جي اڱاري ڏينهن خبر پئي جنهن سبب شرڪت نه ڪري سگهيس. ان سوال ته ڇا اوهان ٻيٽن واري معاملي تي وفاقي حڪومت جي فيصلي ۽ صدارتي آرڊيننس جي حمايت ڪيو ٿا يا مخالفت؟ جي جواب کي گول ڪندي سچانند چيو ته ان بابت موقف ڏيڻ تي پارٽي جي ڪا به پابندي ناهي، باقي ٺهراءُ مون پڙهيو ئي ناهي انڪري ان تي ڪجهه نه ڳالهائيندي. ايم پي اي اسلم ابڙو سان رابطو ڪيو ته هن موبائل فون اٽينڊ ئي نه ڪيو ۽غ بعد ۾ مسلسل ٻن ڪلاڪن تائين سندس فون بند ملي رهيو هو، ڊاڪٽر سنجي گنگواڻي جو فون لاڳيتو مصروف يا آف ٽون مليو.

سنڌ جي ٻيٽن تي مالڪي! پي ٽي آءِ ايم پي اي شهريار خان شر پارٽي کي پاسي رکي سنڌ ۽ سنڌ جي عوام سان بيهي رهيو

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *