Thursday , March 28 2024

سنڌ جي سيبتي شاعر سيال حيات جي  ٻن ڪتابن جي مهورت

سيال حيات  عوامي، ڌرتي، سونهن، انقلاب ۽ تاريخ جي عڪاسي ڪندڙ شاعر آهي: مهورتي تقريب کي مقررن جو خطاب

سيال حيات جي شاعريءَ مان ڌرتي ۽ ٻولي جي خوشبو، ڌرتي جي سونهن جا منظر نظر اچن ٿا: مقرر

ڪراچي (رپورٽر  سنڌسماءَچار)شاعرن، اديبن ۽ صحافين سنڌ جي خوبصورت ۽ سيبتي شاعر سيال حيات کي عوامي ۽ تاريخ جي عڪاسي ڪندڙ شاعر قرار ڏيندي چيو آهي ته سندس شاعريءَ مان ڌرتي ۽ ٻولي جي خوشبو، ڌرتي جي سونهن جو شاعر قرار ڏيندي چيو آهي ته سندس شاعري مان صدين جي تاريخ، ڌرتي واسين جي دردن ۽ اميد جو سج اڀرندي نظر اچي ٿو. سيال حيات جي ٻن ڪتابن ” نماڻا نيڻ سجدي ۾“ ۽ ” مان به مڪليءَ مثل“ جي مهورتي تقريب ڪراچي پريس ڪلب جي ادبي ڪميٽي ۽ سنڌسماءَچار نيوز جي سٿ پاران پريس ڪلب ۾ ٿي.

ان موقعي تي خطاب ڪندي سينئر صحافي محمد يونس مهر، ابدي ڪميٽي جي سرواڻ اي ايڇ خانزاده، ڪراچي پريس ڪلب جي فنانس سيڪريٽري وحيد راڄپر، روزاني ايڪتا جي ايڊيٽر جاويد مهر، پروگرام آرگنائيز ۽ سنڌسماءَچار آن لائن نيوز جي سرواڻ اصغرآزاد، صحافي ۽ محقق آفاق ڀٽي، سينئر صحافي ڪمال لاشاري، وحيد محسن ۽ ٻين مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سيال حيات جي شاعري ۾سنڌ ڌرتي جي تاريخ، ڌرتي واسين جي دردن ۽ انسانيت جو درس ملي ٿو. سندس شاعري جو تشبيهون، استعارا توڙي ذڪر ڪيل واقعا ائين محسوس ٿين ٿا ڄڻن شاعر صديون پهريان به انهن واقعن جو حصو رهيو آهي يا واري پاڻ متاثر ٿيو آهي.

مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي مقررن چيو ته سيال حيات جي شاعري ۾ لفظن جي ادائگي انتهائي نفاست سان ڪئي آهي. هنن چيو ته سيال حيات شاعري ۾ سنڌ جي سونهن ۽ شهرن کي به اجاگر ڪيو آهي، جنهن ڪري پڙهندڙ سولائي سان سنڌ جي خوبصورتي محسوس ڪري سگهن ٿا ۽ گهر ويٺي سنڌ جو سير به ڪري سگهن ٿا. مقررن جو چوڻ هو ته شاعري پڙهي خبر پوي ٿي ته سيال حيات اتساهه ڏيندڙ شاعر آهي ۽ هن مهل اهڙن ئي شاعرن جي سنڌ کي ضرورت آهي.

ڪتاب جي مصنف سيال حيات پنهنجي خطاب ۾ چيو ته  هو اصغر آزاد سميت ڪراچي جي سمورن دوستن جو ٿورائتو آهي، جن سنڌ جي دل ۾ سند ٻن ڪتابن جي مهورتي تقريب ڪوٺائي. هن چيو ته هن وس آهر ڪوشش ڪري ڌرتي ۽  ٻوليءَ سان نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.سيال حيات چيو ته هو پنهنجي قلم ذريعي اڳتي به اهڙا ڪتاب ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو.تقريب ۾ سينئر صحافي رازق ابڙو، منير نارائي، منير ساقي،صلاح الدين عباسي،  نصرالله جمالي، صدام حسين چانگ، ماما خالد چانگ، عبدالواحد سومرو۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *