Tuesday , February 7 2023
uren

سنڌ جي ساڃاهه وندن جي ”مفاهمت“ ۽ گٽرن جو پاڻي پيئندڙ ماڻهو – شهاب اوستو ايڊووڪيٽ

Shahab-Usto-Credit-tsj.com_.pk_

 سنڌ جي ساڃاهه وندن جي ”مفاهمت“ ۽ گٽرن جو پاڻي پيئندڙ ماڻهو

شهاب اوستو

سماجي سائنسدان اسان کي ٻڌائين ٿا ته، انسان ذات کي عقل ورثي ۾ مليو آهي ۽ انهن جا اڪثر فيصلا معاشي، سماجي، ثقافتي ۽ سياسي مقصدن جي ڳولا واري پسمنظر ۾ ٿيل هجن ٿا. هن وقت تائين سماجي ڄاڻن کي اهو سوال تنگ ڪندو رهي ٿو ته، ڇا انساني فطرت جي سدائين ڪا عقلي رهنمائي به ٿئي ٿي؟ اهو سوال تڏهن وڌيڪ مونجهاري جو شڪار ٿي وڃي ٿو، جڏهن ڏسون ٿا ته اسان گهڻو ڪري پنهنجي ذاتي آسائشن جي تابع ٿي هلون ٿا. مارڪسسٽ سماجي نفسيات پڻ ثقافتي رخن جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿي، پر ان جو پسمنظر معاشي هجي ٿو. ٻهراڙي ۽ شهري اصطلاح باوجود مارڪسسٽن پاران ثقافتي ۽ سماجي نفسيات جي حوالي طور قبائلي، جاگيرداري ۽ صنعتي تعلقاتن وارا اصطلاح استعمال ڪيا وڃن ٿا. توڙي جو مارڪسزم جو مرڪزي خيال سماج ۽ رياست جي طبقاتي ڪردار تي بيٺل آهي، پر اهو ٻڌائي ٿو ته فرد جي نفسيات جوڙڻ ۾ جاگيردارانه ۽ سرمائيدارانه ڪلچر جو وڏو اثر هجي ٿو. مارڪسسٽ سمجهن ٿا ته سرمائيدار رياست ڪنهن به ريت نه غيرجانبدار هجي ٿي، نه وري ماڻهن کي انصاف ڏئي سگهي ٿي، پر رياست هڪ طبقي يا ڪيترن طبقن مٿان اثرانداز ٿئي ٿي، جنهن ڪري قانون، سماجي ادارا ۽ رياستي عنصر ڪجهه اهڙي نموني اڳتي وڌن ٿا، جو اهي عام شهرين جون ضرورتون پوريون ڪرڻ يا انهن کي حق ڏيڻ بدران فقط پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مصروف هجن ٿا. ان ڪري رياست سرمائيدارانه ڪلچر جي اهڙي حقيقت رهي آهي، جيڪا هر صورت ۾ استحصال ڪندڙ، فردن کي فائدو ڏيندڙ ۽ پورهيتن لاءِ اجنبي هجي ٿي. سرمائيدار ڪلچر ۾ پورهيت جنهن اجنبيت ۽ اڪيلائيءَ کي محسوس ڪري ٿو، ان موضوع تي ارڪ فرام تفصيل سان لکيو آهي.

گلوبلائيزيشن ۽ گهڻ ثقافتي سوچ جتي دنيا کي هڪٻئي جي ويجهو ڪيو آهي، اتي ان اجنبيت ۽ اڪيلائيءَ جون به ڪيتريون ئي صورتون تخليق ڪيون آهن. مثال طور (1) ٻولي ۽ ثقافتي بنياد واري اقليت. (2) مذهبي فرقيوار اقليت. (3) لبرل-سيڪيولر اقليت ۽ (4) جمهوري سوچ رکندڙ اقليت. بدقسمتيءَ سان اجنبيت جا اهي سمورا رنگ اسان کي پنهنجي ملڪ ۾ نظر اچن ٿا. سماج جي مخصوص جوڙجڪ سبب سنڌ ۾ وري اجنبيت جو الڳ رنگ آهي، جيڪو اسان کي انهن ماڻهن جي چهرن تي نظر اچي ٿو، جيڪي محنتي، شفاف، روشن خيال ۽ جمهوري سوچ رکندڙ آهن. جيڪي ڪرپشن، عدم برداشت، تشدد، خراب حڪمراني، موقعي پرستيءَ جي نه رڳو خلاف آهن، پر ان تي مسلسل ڳڻتيءَ جو شڪار به آهن. ان ڪري اهي مستقبل جي حوالي سان شديد قسم جي فڪر ۾ آهن، ڇاڪاڻ جو فوري طور تي انهن کي ڪا به اهڙي قيادت اڀرندي نظر نه پئي اچي، جيڪا سنڌ کي هن ڪاري ڪلچر مان نجات ڏياري سگهي. اتي هڪ سوال اڀري ٿو ته اهڙي صورتحال ۾ سماج پنهنجي نجات لاءِ ڪيئن ويڙهاند ڪندا آهن؟

تاريخي طور تي اهو ٿيو آهي، جو اهڙي صورتحال ۾ دانشور ۽ تخليقڪار طبقو اڳتي ايندو رهيو آهي، جنهن پنهنجو آرٽ، پنهنجي سوچ ۽ پنهنجا تصور ڏنا آهن. ممڪن آهي ته انهن سڌيءَ ريت ڪو سياسي انقلاب نه به آندو هجي، پر آرٽ، سائنس، ٽيڪنالاجي، فلاسافي، ادب ۽ سياست ۾ انهن اهڙيءَ ريت پنهنجو حصو ڳنڍيو آهي، جو انهن کي ڪنهن به ريت قيادت ڪرڻ کان گهٽ نٿو سمجهي سگهجي. خاص طور تي چار حوالا ٻڌائڻ انتهائي ضروري آهن.

(1) Renaissance (1300-1600AD):

جنهن کي نشاطِ ثانيه يا جاڳرتا به چئجي ٿو. جنهن جي معنيٰ آهي وري جنم وٺڻ. ان جي شروعات اٽليءَ کان ٿي، خاص طور تي ان ۾ فلورينس شهر شامل هو، جنهن کان پوءِ اها جاڳرتا يورپ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پکڙجي وئي. ان پنهنجي اظهار لاءِ نئون آرٽ تخليق ڪيو، جنهن ۾ صدين کان ٿيندڙ استحصال خلاف ڪاوڙ جو اظهار ٿيل هو. انهن هڪ اهڙو انسان دوست آرٽ تخليق ڪيو، جنهن کين چرچ هٿان ٿيندڙ صدين جي استحصال کي وائکو ڪيو. اهي آرٽسٽ ئي هئا، جن ماڻهن کي سيکاريو ته هو سوچين ۽ پاڻ کي ذهني غلاميءَ کان آزاد ڪن. انهن آرٽسٽن ۾ مائيڪل اينجلو، ڊائونچي، فليپو ۽ ٻيا ڪيترائي ارٽسٽ شامل هئا. جلد ئي هڪ نئين سوچ پيدا ٿي، جنهن کان پوءِ يورپ جي ماڻهن روم جي ڪئٿولڪ چرچ مان آجپو ماڻيو.

(2) ( Reformation (1517-164:

جاڳرتا کان پوءِ ماڻهن انڌي عقيدي کان ٻاهر نڪري عقلي بنيادن تي سوچڻ شروع ڪيو. رفارميشن (سڌارن) جا مک ڪردار مارٽن لوٿر، جون ڪالون، زونگلي ۽ هينري (اٺون) هئا، جن چرچ جي هڪهٽيءَ کي چيئلينج ڪيو ۽ عام ماڻهن کي پادرين جي ڪنٽرول کان ٻاهر ڪڍيو. ان ڳالهه کي نه وسارڻ گهرجي ته سڌارن واري اها ڪاميابي فلاسافرن ۽ ليکڪن جي ڪردار کان سواءِ ممڪن نه هئي.

(3)  Enlightenment and Political Revolutions (روشن خيالي ۽ سياسي انقلاب):

اهو هڪ حقيقي انقلاب هو، ڇاڪاڻ ته ان ۾ سڌيءَ ريت ٽن شين سان جهيڙو جوٽيو ويو هو. پهرين بااختيار رياست، ٻيو استحصالي چرچ ۽ ٽيون جاگيردار طبقو.

(4) Industrial Revolution (1760 to 1850AD):

ان جي شروعات ان ڳالهه سان ٿي ته ڪيئن انساني پورهئي جو مشين سان خاتمو ڪجي. ان سان شين جي معيار ۽ خدمتن ۾ ته وڏي تبديلي آئي، پر ان سان انساني استحصال جا نوان رستا به کليا. جتي صنعتن جا مالڪ دنيا تي قبضو ڪرڻ واري ڊوڙ جو حصو بڻيا. صنعتي انقلاب سان جتي هڪ نئون ڪلچر ۽ ڪلاس پيدا ٿيو، اتي اهو انقلاب سماجي تباهيءَ جو سبب ايئن به بڻيو، جو دنيا کي ٻن عالمي جنگين کي منهن ڏيڻو پيو.

مٿين ڳالهين مان ظاهر ٿيو ته انسانن جو پنهنجي حقن ۽ آزادين لاءِ سرگرم رهڻ هڪ مسلسل جاري عمل آهي. مٿيان حوالا ڏيڻ جو سبب اهو آهي ته فقط سياسي قيادت اڪيلي سر ڪا به تبديلي نٿي آڻي سگهي، پر سماجي، ثقافتي ۽ ساڃاهه وندن جون تحريڪون به تبديلي آڻي سگهن ٿيون، جن جي اڳواڻي فلاسافر، آرٽسٽ، ننڍا واپاري ۽ دانشور به ڪري سگهن ٿا. بالشويڪ انقلاب رڳو مارڪسسٽ- ليننسٽ نظرئي جو نتيجو نه هو، پر ان ۾ ليکڪن ۽ دانشورن جو به وڏو ڪردار هو، جن ۾ پشڪن، ٽالسٽاءِ، دوستو وسڪي، گورڪي، گوگول، چيخوف ۽ ٻين جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا.

اسان جي پنهنجي تاريخ پڻ اڻپوري هوندي، جيڪڏهن اسان ان ۾ ثقافتي ۽ ادبي تحريڪن جو حوالو نه ڏيون. اسان جي سماجي ۽ سياسي شعور کي جن ماڻهن مسلسل جيئرو رکيو آهي، انهن ۾ سائين جي ايم سيد، ابراهيم جويو، رسول بخش پليجو، شيخ اياز، آغا سليم، امر جليل، امداد حسيني، ابراهيم منشي، استاد بخاري ۽ ٻيا ڪيترا ماڻهو شامل آهن. انهن ان وقت تي اسان جي رهنمائي ڪئي، جڏهن اسان وٽ ورهاڱي کان پوءِ ڪو ڳڻپ جوڳو وچولو طبقو نه هو، خاص طور تي ون يونٽ وقت، جڏهن اسان جي الڳ سڃاڻپ داءَ تي لڳائي وئي هئي. جيتوڻيڪ ون يونٽ جي دور کان پوءِ وارو جيڪو سنڌي ادب آهي، ان سنڌي سماج کي ثقافتي ۽ نظرياتي طور سگهه ڏني جنهن جي سگهه تي اسان جي سنڌ جي ساڃاهه وندن رياستي جبر سٺو ۽ جيلن جون سختيون سٺيون. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملڪ جي باقي صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ اڄ به لبرل ۽ سيڪيولر قدرن تي يقين رکندڙ آهي ۽ جمهوريت لاءِ سنڌ جو ڪردار ملڪ ۾ اڳواڻي وارو رهيو آهي. اهو دور پوءِ جمهوريت جي بحالي وارو دور هجي يا ون يونٽ خلاف هليل تحريڪ هجي. پر انتهائي افسوس سان ٿو چوڻو پوي ته اڄ ان سنڌ ۾ عقيدائي بنياد پرستي، انتهاپسندي، سماجي تشدد، خراب حڪمراني ۽ ٻيون ڪيئي بيماريون رڳو ان ڪري وڌنديون پيون وڃن جو اسان جي عام ماڻهو ته ٺهيو پر دانشورن ۾ به مصلحت ۽ موقعي پرستي جو رجحان وڌندو پيو وڃي. بدقسمتيءَ سان اسان جي سياسي اشرافيه ۽ ڪامورا شاهي هڪ اهڙو عوام دشمن اتحاد جوڙي ورتو آهي، جنهن جي مدد سان هو صوبي جي دولت ۽ وسيلن کي لٽي رهيا آهن. عام ماڻهو تائين جمهوريت جو ثمر پهچڻ کان پري ٿيندو پيو وڃي. اسان وٽ هتي هاڻي ڪوبه عوامي يا اداراتي پڇاڻو نه رهيو آهي. 60 ملين ماڻهو پيئڻ لاءِ گٽرن جو پاڻي پي رهيا آهن. سنڌ ۾ هڪ خطرناڪ حد تائين سياسي متبادل جو خال پيدا ٿي ويو آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته موجوده اقتداري ڀوتار 2018ع وارين چونڊن کان پوءِ به اقتدار ۾ ئي رهندا.

اهڙين حالتن ۾ جن جو مٿي ذڪر ڪيوسين، صرف ساڃاهه وند طبقو ۽ سول سوسائٽي آهي، جيڪا سگهاري مخالف ڌر وارو پيدا ٿيل خال ڀري سگهي ٿي. اهو ڪو ايڏو ڏکيو ڪم ناهي. سنڌ جا ساڃاهه وند ڀاڳ وارا آهن، وٽن جمهوريت ۽ آئين جي موجودگي وارو سهارو آهي جنهن کي هو عوام جي ٿيندڙ لٽُ مار خلاف آواز اٿاري پنهنجي حق ۾ استعمال ڪري سگهن ٿا. پر اهو تڏهن ٿيندو جڏهن اسان ذاتي مفادن کان نڪري قومي مفادن کي ترجيح ڏينداسين. جيڪڏهن ساڃاهه وندن هن موقعي تي پنهنجو تاريخي ڪردار ادا نه ڪيو ته پوءِ مستقبل ۾ انهن جا ٻار مصيبتن ۾ هوندا ۽ انهن تي اهڙا بي رحم حڪمران حڪمراني ڪندا ۽ تاريخ کين ڪٻاڙخاني حوالي ڪري ڇڏيندي جيڪڏهن انهن هن وقت سمجهوتو نه ڇڏيو ته.

آئون سنڌ جي ساڃاهه وندن ۽ سوچيندڙ ذهنن کي سڏ ٿو ڏيان ته اڳتي اچي تبديليءَ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ اهو ڪلچر جوڙين، جيڪو اسان جي ان قسمت تي اثرانداز ٿي سگهي، جيڪا قسمت فردي به هوندي ۽ مجموعي به هوندي.

About Asghar Azad

Check Also

غربت جو خاتمو چاهيون ئي نه ٿا،سکڻيون دانهون ڪرڻيون آهن

Share this on WhatsAppغربت جو خاتمو چاهيون ئي  نه ٿا،سکڻيون دانهون ڪرڻيون آهن! – اصغر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *