Saturday , April 20 2024

سنڌ جي سامونڊي پٽي جي تباهي ۽ حڪمران

پيپلزپارٽي جو عوامي مارچ ! انڊس ڊيلٽا ۽ انساني الميو – اصغر آزاد

لڳ ڀڳ 20 سالن دوران ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم خاص طور تي انڊس ڊيلٽا پاڻي جي مقرر مقدار لاءِ سِڪي وئي آهي

سنڌ جي سامونڊي پٽي جي لڳ ڀڳ 35 لک ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي ۽ لکين ماڻهن تي مشتمل انساني آبادي متاثر ٿي آهي

سنڌ جي سامونڊي پٽي ۾ ڊائون اسٽريم ۾ مقرر حد تائين دريائي پاڻي نه ڇڏڻ سبب سامونڊي ويرن جي چڙهڻ سبب آيل تباهي، ڳڙڪايل آباد زمينون، ڳوٺ ۽ انساني آبادي تي اثر. متاثر انساني آبادي جي بحالي لاءِ سنڌ / وفاقي حڪومت پاران ڪي قدم ته پري جي ڳالهه آهي پر ان تي ڪي ٻه لفظ به ڪو نه ٿا ڳالهائين. بلاول ڀٽو زرداري جو ڪراچي مان نڪتل ” عوامي مارچ “ اسلام آباد پهچڻ لاءِ هن وقت پنجاب ۾ روان دوان آهي. پيپلزپارٽي جي دعويٰ آهي ته هي لانگ مارچ، مهانگائي سميت پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت جَي عوام دشمن پاليسين خلاف آهي. جيڪڏهن پيپلزپارٽي جو هي مارچ عوامي مسئلن لاءِ آهي ته ڇا سنڌ جي ساحلي پٽي جا لکين انسان؛ انسان ناهن؟؟

ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۽ انڊس ڊيلٽا تي ڪنهن جي به نظر نٿي پوي، پاڻي جي کوٽ سبب 2017/2018 تائين جي اسٽڊي رپورٽس مطابق ڊائون اسٽريم ۾ مقرر مقدار ۾ پاڻي نه پهچڻ ڪري لڳ ڀڳ 38 لک ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي چڪو هو ۽ سامونڊي ويرون اڃا اڳتي وڌڻ جو سلسلو جاري هو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين جاري آهي. سمنڊ جي چاڙهه سبب جيڪا 38 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمين سمنڊ ۾ هلي وئي آهي ان تي سون جي تعداد ۾ ڳوٺ ۽ لکن جي تعداد ۾ انساني آباد موجود هئي، اُها زمين 90 سيڪڙو کان وڌيڪ مڪمل طور آباد ۽ زرخيز هئي، اُتي آباد ماڻهو جيڪڏهن سئو سيڪڙو خوشحال نه به هئا ته گهٽ ۾ گهٽ پيٽ گذر ڪرڻ جي قابل هئا. هن تباهي جي ورچڙهيل انساني آبادي جا مڪمل انگ اکر ته ڪو به سرڪاري ادارو ڏيڻ لاءِ تيار ناهي پر مقامي ماڻهن جي هڪ اندازي مطابق 10 لک جي لڳ ڀڳ انساني آبادي سڌي طرح متاثر ٿي آهي.

ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۽ انڊس ڊيلٽا جو درد

سنڌ جي ساحلي پٽي سان گڏ ڪوٽڙي کان انڊس ڊيلٽا تائين عام استعمال، جهنگلي جيوت ۽ سامونڊي جيوت لاءِ روزاني جي بنياد تي گهٽ ۾ گهٽ 5 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏڻ لازمي آهي. (سنڌ جو مطالبو 10 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ڊائون اسٽريم ۾ ڇڏڻ جو مطالبو ڪيو ويو ويو هو) پر ڊائون اسٽريم لاءِ پاڻي ڊائون اسٽريم ۾ پنج هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏڻ جو گهٽ ۾ گهٽ مقدار مقرر ڪيو ويو، جيڪو 1991 واري پاڻي ٺاهه ۾ موسمياتي تبديلين سبب برسات نه پوڻ ۽ ڪري پاڻي جي کوٽ کي نظر ۾ رکندي پاڻي جو اهو مقدار مقرر ڪيو ويو؛ نه ته انڊس ڊيلٽا لاءِ کي لڳ ڀڳ 8 کان 10 ملين ايڪڙ فٽ / ايم اي ايف پاڻي جي گهرج آهي. اڄ کان  لڳ ڀڳ 22 سال اڳ جڏهن سنڌ ۾2010  دوران سپر فلڊ آيو هو ته ان دوران ڪجهه ڏينهن لاءِ 45 ڏهائي پنج ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ ويو هو.

وفاقي حڪومت، مختلف عالمي ادارن جي ڪيل اسٽڊيز ۽ آبپاشي کاتي سنڌ جي / سرڪاري انگن اکرن مطابق؛ سال 2005 ڊائون اسٽريم ۾ مجموعي طور پنجويهه ڏهائي ٽَي ايم اي ايف، 2006 ۾ ايڪيهه ڏهائي 7، 2007 ۾ 15 ڏهائي 7 ايم اي ايف پاڻي ڊائون اسٽريم ۾ ڇڏيو ويو.

سال 2005، جڏهن مشرف جي دور ۾ جڏهن سنڌ ۾ قاف ليگ، سنڌ ڊيموڪريٽڪ الائنس ( ايس ڊي اي )۽ پ پ پ پيٽرياٽ جي حڪومت هئي، اڄوڪو وزيراعظم عمران خان جو خاص مددگار پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم سنڌ جو وڏو وزير هو، اُهو سال سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه ملڻ جو هڪ اهڙو سلسلو شروع ٿيو، جنهن سان نه رڳو سنڌ جي زراعت سخت متاثر ٿي پر دنيا جي وڏن ڊيلٽائن مان هڪ انڊس ڊيلٽا جي تباهي جو دور شروع ٿيو ۽ اڄ تائين جاري آهي، ان ۾ پيپلزپارٽي جي وفاقي حڪومت جا پنج سال به شامل آهن.

آبپاشي کاتي جي سرڪاري رڪارڊ مطاب ق سال 2008 ۾ 5 ڏهائي 8، 2009 ۾ گهٽجي ، 2009 ۾ 4 ڏهائي 6، 2011 ۾ 14 ڏهائي 2، ۽ 2012 ۾ 6 ڏهائي 6 ڏهائي 2 ايم اي ايف پاڻي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ ڇڏيو ويو. ( آبپاشي کاتي جي هڪ اڳوڻي سيڪشن آفيسر جو چوڻ آهي ته 2011 ۽ 2012 وارا انگ انگ اکر لڳ ڀڳ 5 کان 6 سيڪڙو وڌائي پيش ڪيا ويا هئا)

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *