Thursday , March 28 2024

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ سنڌ واسين جو احتجاج ڏوهه بڻجي ويو

ڪراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ جي راڄڌاني  ڪراچي شهر ۾ احتجاج ڪندڙ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جي احتجاج تي پوليس جي لٺبازي عورت اميدوارن سميت 40 کان وڌيڪ گرفتار.ڪراچي پريس ڪلب آڏو ماسترن جي ڀرتي لاءِ ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاي مظاهرو ڪري سي ايم هائوس طرف مارچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مظاهرو ڪندڙ جيئن ئي سي ايم هائوس طرف وڌيا ته پوليس سندن رسو روڪي  مٿن ڪڙڪي پئي، پوليس لٺ بازي ڪري 40 کان وڌيڪ احتجاج ڪندڙ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس مردن سان گڏ عورت اميدوارن کي به کنڀي پوليس موبائل ۾ وڌو، ۽ آرٽلري ميدان ٿاڻي تي کڻي وئي. احتجاج ڪندڙن جو مطالبو آهي ته 30 مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي به پاس ڪري کين استاد طور ڀرتي ڪيو وڃي. پوليس جو چوڻ آهي ته احتجاج ڪندڙ ريڊ زون ۾ داخل ٿيا انڪري کين گرفتار ڪيو ويو، ڇو ته ريڊ زون ۾ احتجاج تي پابندي آهي. ياد هجي ته سنڌ اسيمبلي ۽ سي ايم هائوس آڏو، پي ٽي ايم، جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم سميت مذهبي جماعتون به احتجاج ڪنديون رهيون آهن، پر ڪڏهن به پوليس انهن خلاف ڪارروائي ناهي ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *