Friday , April 19 2024

سنڌ جي اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ جو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس نوٽيس ورتو،رپورٽ طلب

ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي مهيا نه ٿيڻ واري معاملي کانپوءِ، سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن ، ڊاڪٽرز ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي کوٽ سميت ٻين سهولتن جي اڻ هوند واري معاملي جو به سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شخ نوٽس وٺي ورتو آهي. چيف جسٽس جيڪب آباد، دادو ۽ باڊهه جي اسپتالن بابت لاڳاپيل ضلعن جي سيشن ججز ۽ صحت کاتي جي عملدارن کي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

چيف جسٽس جسٽس احمد علي شيخ، جيڪب آباد، دادو ۽ باڊهه جي اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ ۽ ڊاڪٽرز، پيراميڊيڪل ۽ ٻيو اسٽاف نه هئڻ بابت رپورٽس جو نوٽيس ورتو. چيف جسٽس، سيشن ججز ۽ صحت کاتي جي ضلعي آفيسرن کي رپورٽس پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *