Friday , April 26 2024

سنڌ جا سينيٽرز سنڌي ڳالهائيندڙ اقليت ۾ تبديل،پ پ راولپنڊي واسي کي سنڌ مان سينيٽر چونڊرائڻ ۾ ڪامياب

ڪراچي( اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر پنجاب واسي کي سنڌ مان سينيٽر چونڊرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي. پ پ جي ٽڪيٽ تي راولپنڊي واسي مصطفيٰ نواز کوکر سنڌ جي ڪوٽا تي سينيٽر چونڊجي ويو آهي. اهڙي طرح هاڻي سنڌ جي ڪوٽا تي سينيٽ ۾ نمائندگي ڪندڙ سينيٽرز ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ سينيٽرز اقليت ۾ اچي ويا آهن. مصطفيٰ نواز کوکر جو والد تاج محمد عرف تاجي کوکر رولپنڊي جو واپاري ۽ زميندار هو، جيڪو پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل هو ۽ ڪجهه عرصو پ پ ڇڏي به ويو.

سينيٽ جي چونڊڻ کان پوءِ ن ليگ سينيٽ ۾ اڪثريتي پارٽي بڻجي وڃڻ باوجود پنهنجو چيئرمين آڻڻ لاءِ پريشان آهي. ان سلسلي ۾ نواز شريف پاران آصف زرداري سان سڌي رابطي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *