Friday , March 29 2024

سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران سومر ڏينهن سڄي سنڌ ۾ نادرا جي ضلعي سينٽرز آڏو احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا هڻڻ جو اعلان

ڪراچي (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ ) سنڌ ۾ رهندڙ غير قانوني پرڏيهين کي پاڪستاني شهريت ڏئي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ واري عمل خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مزيباني هيٺ قومپرست پارٽين جي سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران72 ڪلاڪن واري بُک هڙتال ۽ ڌرڻو ختم ڪيو ويو آهي، اڳواڻن چيو آهي ته سومر ڏينهن سڄي سنڌ جي ضلعي هيڊڪوارٽرز ۾ نادرا سينٽرز آڏو احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويندا. سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 26 اپريل تي مطمئن ڪندڙ جواب نه مليو ته 27 اپريل تي اجلاس گھرائي احتجاج جي ٻئي مرحلي جو اعلان ڪنداسين. ڌاريا دهشتگردي ۾ ملوث قرار ڏيندي اڳواڻن چيو آهي ته پارليامينٽ کان ٻاهر ٺهندڙ ڪنهن به قانون کي نه مڃينداسين. سنڌ جي وحدت خلاف پارليامينٽ ۾ به ڪو قانون ٺهيو ته قبول نه ڪيو ويندو، ان حوالي سان ڄاڻ موجب ته سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران ڌارين جا غيرقانوني طور قومي شناختي ڪارڊ ٺهڻ ۽ بنگالين کان غيرضروري سوال پُڇا نه ڪرڻ جو آفيشلي ليٽر جاري ٿيڻ توڙي ساڍا 3 لک ڌارين کي ”نارا “ ۾ داخل نه ڪرڻ واري عمل خلاف 72 ڪلاڪن واري بُک هڙتال ڪالهه پُڄاڻي تي پهتي. نادرا جي اسلام آباد مان آيل ڪرنل رٽائرڊ سهيل جي اڳواڻي ۾ آيل 3 رُڪني وفد پاران سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن سان ٽئين ڏينهن به احتجاجي ڪئمپ تي پهچي ڳالهيون ڪيون ويون.

ان موقعي تي نادرا جي وفد سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن کي خاطري ڪرائي ته سندن مطالبن وارو چارٽ اسلام آباد نادرا جي هيڊ آفيس اماڻيو ويندو. جنهن بعد اعتراض ڪندڙ ڌُرين کي تفصيلي جواب ڏنو ويندو. اهڙي خاطري کان پوءِ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن سيد زين شاھ، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ن ليگ ايم پي اي شفيع محمد ڄاموٽ، امان الله شيخ، امير آزاد پنهور، گلزار سومرو ۽ ٻين گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 26 اپريل تائين نادرا اختيارين جي جواب جو انتظار ڪنداسين. 23 اپريل تي سنڌ جي سمورن ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي نادرا جي آفيسن اڳيان ڌرڻا هنيا ويندا. 26 اپريل تي نادرا جو جواب مطمئن ڪندڙ نه مليو ته 27 اپريل تي ڪراچي ۾ حيدر منزل تي سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو اعليٰ سطحي اجلاس سڏايو ويندو جنهن ۾ مرڪزي احتجاج جي ٻئي مرحلي جو سڏ ڏينداسين. سيد زين شاھ چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ سنڌ دوست پيپلز پارٽي سميت حڪمران ڌُر جي اميدوارن کان غيرقانوني شناختي ڪارڊ ٺهڻ واري معاملي تي سوال ڪن. هن چيو ته افسوس آهي ته گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس ۽ حڪمران ڌُر يعني پيپلز پارٽي ٽن ڏينهن واري بُک هڙتال ۾ هڪ ڏينهن به شرڪت ناهي ڪئي. اڳواڻن چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ تباهي ڪئي آهي. اسان نادرا اختيارين کي جيڪو مطالبن وارو چارٽ ڏنو آهي ان ۾ واضح ڄاڻايو آهي ته ڌارين جا غيرقانوني طور شناختي ڪارڊ ٺاهڻ بند ڪيا وڃن. ساڍا 3 لک ڌارين کي ”نارا“ ۾ داخل ڪيو وڃي. زين شاھ چيو ته جن ڌارين جا شناختي ڪارڊ ٺاهيا پيا وڃن اهي دهشتگردي ۾ ملوث آهي. فوج مٿان به جيڪي دهشتگردي وارا حملا ٿيا آهن انهن دهشتگردن کان هتان جا سُڃاڻپ ڪارڊ مليا آهن. هن چيو ته سپريم ڪورٽ اهو چئي چُڪي آهي ته رڳو ڪراچي ۾ 35 لک ڌاريا آباد آهن. جن کي نيڪالي ڏني وڃي. پر سنڌ سرڪار سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود سنڌ حڪومت 35 لک ڌارين مان صرف 35 ڌارين کي به ٻاهر ناهي ڪڍيو. جڏهن ته احتجاجي ڪئمپ ۾ آخري ڏينهن به مختلف قوم پرست پارٽين، جسقم (قريشي)، سنڌ ترقي پسند پارٽي، جسقم (آريسر)، سنڌ نيشنل پارٽي، نيشنل پارٽي، جيئي سنڌ قوم پرست پارٽي، ايس يو پي، سنڌ ساگر پارٽي، عوامي جمهوري پارٽي، سنڌياڻي تحريڪ سميت ٻين پارٽين جي اڳواڻن امان الله شيخ، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، اعجاز سامٽيو، يونس مهر-محبوب عباسي، ديدار شام، حافظ سڪندر تنيو، پرهه سومرو، خداڏنو شاھ، خير محمد مگسي، دودو ديشي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *