Friday , April 26 2024

سنڌ اسيمبلي ۾ غلام قادر مري، اشفاق ۽ نواب لغاري جي بازيابي لاءِ دعا، چوڌري نثار تي تنقيد

Ghulam Qadir Marri 1Imdad Pitafi 1Chaudhary Nisar

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پيپلز پارٽي پاران اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ويجهن ساٿين غلام قادر مري سميت پ پ اڳواڻن جي بازيابي لاءِ دعا گهرائي وئي، صوبائي وزير امداد پتافي چيو آهي ته، وفاقي گهرو وزير غلط بياني ڪندو رهندو آهي کيس ائين ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس شروع ٿيڻ بعد پيپلز پارٽي جي ميمبرن مبينا طور تي کنڀجي گم ٿيل پ پ اڳواڻ غلام قادر مري ۽ اشفاق مري جي بازيابي لاءِ دعا گهرائي.

صوبائي وزير امداد پتافي اجلاس دوران ڳالهائيندي چيو ته، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار غلط بيان بازي ڪندو آهي، کيس اهڙي عمل کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته پ پ اڳواڻ غلام قادر مري سميت ٻين پ پ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي اغوا ڪيو ويو آهي، انهن کي فوري طور تي ظاهر ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *